ڪنھن عنصر جو اھو نالو (Chemical symbol) جيڪو ان جي سڄي نالي بدران مختصر ڪري ڏنل ھجي ان مختصر نالي کي ان عنصر جي نشاني يا علامت چئبو آهي.
نشاني يا علامت ھيٺ ڏنل اصولن تحت تجويز ڪئي وئي.

  1. عنصر جي نالي جو پھريون اکر نشاني بڻائي وئي. مثال: Carbon جي نشاني C آھي.
  2. ساڳين اکرن سان شروع ٿيندڙ عنصرن ۾ پھرين کان علاوه ٻيو ڪو اکر شامل ڪيو ويو. مثال: Calcium جي نشاني Ca ، ڪوبالٽ Cobalt جي Co.
  3. ھڪ کان وڏيڪ اکر نشاني ۾ رکڻ وقت پھريون اکر وڏو ۽ باقي ننڍا رکبا آهن.
  4. ڪن جون نشانيون انگريزي۾ نالي بدران يوناني۾ نالي مان ٺاھيون ويون آهن. مثال: سوڊيم کي يوناني ۾ نيٽريم چوندا آهن ۽ ان جي نشاني Na رکي وئي.