ڪوٽڙي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جو ھڪ وڏو صنعتي شھر ۽ ڄامشوري ضلعي ۽ ڪوٽڙي تعلقي جو صدر مقام آهي.ھي شھر ٽن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي جن ۾ يو سي ڪوٽڙي شھر، يو سي نانگو لين ۽ يو سي مانجھي شورو شامل آهن.درياء سنڌ جي ڪپ تي واقع ھي شھر حيدرآباد شھر جو جاڙو شھر آھي. ٻنھي شھرن کي درياء ورھائي ڌار ڪري ٿو ۽ پلين ذريعي ڳنڍيل آھن. ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين روڊ جو رستو 134 ڪلوميٽر آهي[1].

Kotri Bridge 2
ڪوٽڙي
شھر
Kotri
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
ڪوٽڙي شھر ۾ عيسائين جو گرجا گھر
ڪوٽڙي شھر ۾ عيسائين جو گرجا گھر
ڪوٽڙي is located in سنڌ
ڪوٽڙي
ڪوٽڙي
ڪوٽڙي is located in Pakistan
ڪوٽڙي
ڪوٽڙي
ڪوٽڙي شھر ۾ عيسائين جو گرجا گھر
جاگرافي بيهڪ: Kotri Town 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: Kotri Town 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ڄامشورو
بلندي 17 ميل (56 ft)

جاگرافي سنواريو

ھن شھر جي جاگرافيائي بيھڪ اتر ۾ °25.37 لانگيٽيوڊ تي ۽ اوڀر ۾ °68.32 تي 17 ميٽرن جي الٽيٽيوڊ تي واقع آھي[2] . ھي شھر ايم 9 موٽر وي ذريعي ڪراچي سان ڳنڊيل آهي. ان کان علاوه اين 5 نيشنل ھاء وي ۽ اين 55 انڊس هاءِ وي بہ ھن شھر جي ٻاھران ايم 9 موٽروي کان ڌار ٿي درياء ٻن ڪپن ڏي ورھائجي پنجاب طرف وڃن ٿا.ھن شھر کان ھڪ ھاء وي ٺٽي طرف بہ وڃي ٿو.جنھن پاسي ڪوٽڙي شھر جو صنعتي زون واقع آهي.

تاريخ سنواريو

ميرن جي دؤر ۾ 1838 ۾ بمبئي ڊويزن جي ڪمپني سرڪار جي فوج افغانستان ويندي ڪوٽڙي ۾ ڪئمپ ڪئي ھئي. ھي شھر ڪراچي ضلعي جو حصو ھيو ۽ 1854 ۾ ھتي ميونسپل ڪميٽي قائم ٿي ھئي. بعد ۾ 1931 ۾ کيس ڪراچيءَ کان ڌار ڪري نئين قائم ڪيل دادو ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو.ھي شھر اڪثر ٻوڏن جو شڪار ٿيندو رھيو . اوڻويھين صدي ۾ ھن شھر کي بچاء بند ڏئي محفوظ ڪيو ويو.

مردم نگاري سنواريو

برٽش دؤر ۾ ڪوٽڙي جي ڊيموگرافي
1881 (خانپور ۽ مياڻي ملتاني ڳوٺن سميت) 1901 (رڪارڊ) 1908 (رڪارڊ) 1909 (رڪارڊ)
آبادي 8,922 7,617

61,130

80,681


ڪوٽڙي شھر جي ڊيموگرافي
1972 (رڪارڊ) 1981 (رڪارڊ) 1998 (رڪارڊ) 2017 (رڪارڊ)
آبادي 29,746 39,390 62,085 259,358

ڪوٽڙي حيدرآباد پل سنواريو

ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ سنڌو درياءَ جي مٿان ھن پل جو افتتاح 25 مئي 1900 ۾ ٿيو.ھن پل جي ڊيگھ 1948 فٽ آهي. پل جي بنياد جي زمين جي اندر اونھائي 49 کان 60 فٽ آهي[3].

ريلوي لائن سنواريو

 
ڄامشورو ريلوي لائن

پاڪستان جي سڀ کان پھرين ۽ سڀ کان پراڻي ريلوي لائن ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي ريلوي لائن آھي جنھن جو ڪم 1858 ۾ شروع ٿيو 1861 ۾ تيار ٿي. 173 ڪلوميٽرن تي مشتمل ھن ريلوي لائن جي منظوري برٽش انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊلھوزي(انگريزي: Lord Dalhousie) ڊسمبر 1853 ۾ ڏني. 1855 ۾ لنڊن ۾ سند(انگريزي: Scinde) ريلوي ڪمپني ٺھي جنھن کي ايسٽ انڊيا ڪمپني جنوري 1856 ۾ ھن ڪم جو ٺيڪو ڏنو ويو.ساڳي ڪمپني کي 1857۾ ڪوٽڙي کان ملتان ۽ ملتان کان لاھور ۽ امرتسر تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم ڏنو ويو. ڪراچي کان ڪوٽڙي واري تعميري ڪم جي شروعات ڪراچي ھڪ تقريب ذريعي ڪمشنر فريئر ھڪ ڦيٿي واري ٽرالي ۾ عمارتي سامان کڻي ڪئي[4].

حوالا سنواريو