ڪوئيٽا ڊويزن(انگريزي: Quetta Division) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ھڪ ڊويزن جنھن جو صدر مقام ڪوئيٽا شھر آھي. ھن ڊويزن ۾ پنج ضلعا آهن جن جا نالا ڪوئيٽا، چاغي، قلعہ عبدالله، نوشڪي ۽ پشين شامل آهن.2000 ۾ پرويز مشرف جي ڏنل نئين نظام ۾ ھن ڊويزن جو ملڪ جي سمورين ڊويزنن سميت خاتمو آندو ويو پر 2008 ۾ کيس بحال ڪيو ويو.

ڪوئيٽا ڊويزن جا ضلعا ۽ تحصيلون
ضلعا ضلعي جو قيام تحصيلون
ڪوئيٽا ضلعو ڪوئيٽا تحصيل، پنج پائي تحصيل ، چلتان تحصيل
چاغي ضلعو چاغي تحصيل, دڪ تحصیل، نوڪنڊي تحصیل، تفتان تحصيل
قلعہ عبدالله ضلعو جون 1993 قلعہ عبدالله تحصيل,گلستان تحصیل دوبندي تحصیل،چمن تحصیل
نوشڪي ضلعو نوشڪي تحصيل، دالبندين تحصيل
پشين ضلعو 1975 پشين تحصيل، حرمزئي تحصیل، شایستہ برشور ڪاڪڙان تحصیل، بوستان تحصیل ڪاریزات ڪاڪڙان تحصیل، سرانان تحصيل