ڪمپيو سرو(انگريزي: CompuServe ) جيڪا عام طور تي ڪمپيو سرو انفارميشن سروس يا سي آء ايس (CIS) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، آمريڪا جي پھرين وڏي ڪمرشل آنلائن سروس پرووائيڊر ڪمپني آھي جيڪا 1980وارہ ڏھاڪي کان کان 1990 واري اڌ ڏھاڪي تائين ملڪ ۾ ڇانيل ھئي. ھي ڪمپني آن لائين چيٽ سسٽم، ميسيج سسٽم، ڪيترن ئي ڪمپيوٽر پليٽفارمن لاءِ سافٽويئر لائبريري ۽ کوڙ مشھور آن لائين راندين، جي آء ايف فائيل فارميٽ جي تعارف ۽ جي آء ايف فائيلن جي مٽاسٽا جي نظام جي ڪري مشھوري ماڻي. 1991 کان پرسنل ڪمپيوٽرن جي مارڪيٽ ۾ اي او ايل جي اچڻ تي ھن ڪمپني جي زوال جي شروعات ٿي. اي او ايل ھڪ ڪلاڪ جا $2.95 ڊالر وصول ڪندي ھئي جڏھن تہ ھي ڪمپني ڪلاڪ جا پنج ڊالر چارج ڪندي ھئي. اڳتي ھلي 1996 ۾ اي او ايل ڪمپني ڪلاڪ جي اڳاڙي جي سسٽم کي مھيني جي اڳاڙي ۾ تبديل ڪيو ۽ گرافيڪل يوزر انٽرفيس پڻ متعارف ڪرايو. 1997 ۾ ڪمپيو سرو جي بنيادي ڪمپني پنھنجي ھن شاخ کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اھڙي طرح اي او ايل ڪمپني جن ذيلي شاخ کي خريد ڪيو.

ڪمپيو سرو
CompuServe
قسم ورائيزن (Verizon) ڪمپني جي ھڪ ذيلي شاخ
صنعت انٽرنيٽ & مواصلات
قيام 1969؛ 55 سال اَڳُ (1969) (as ڪمپيو سرو نيٽورڪ، انڪارپوريشن.)
صدر دفتر ڪولمبس شھر، اوھيو رياست، يونائيٽيڊ اسٽيٽس
صنعتي پيداوار آن لائن خدمت , آء ايس پي
ويب سائٽ compuserve.com


حوالا سنواريو