فوج ۾ ڪمپني، فوج جي هڪ ننڍي جٿي کي چيو ويندو آهي، جنهن جٿي ۾ 80 کان 150 اهلڪار هجن. فوج ۾ ڪمپني کي اڪثر ڪري ميجر يا وري ڪيپٽن سنڀاليندو آهي. هڪ ڪمپني ۾ ٽي کان 6 پلٽون شامل هوندا آهن، پر مختلف ملڪن ۾ ڪمپني ۾ شامل پلٽونن جو تعداد پڻ مختلف هجي ٿو.عام طور ڪيترن ئي ڪمپنين کي گڏائي هڪ بٽالين يا ريجمنٽ جوڙي ويندي آهي. ڪنهن وقت هڪ ڪمپني کي ڪنهن مخصوص آپريشن لاءِ پڻ جوڙيو ويندو آهي. 

فوجي تنظيم / نظم و ضبط
جٿا تعداد (لڳ ڀڳ) سپهه سالار
فائر ٽيم 2–4 لانس نائيڪ يا
نائيڪ
دستو 8–14 نائيڪ يا
سارجنٽ يا
اسٽاف سارجنٽ
پلٽڻ 15–45 ليفٽيننٽ
ڪمپني 80–150 ڪيپٽن يا ميجر
بٽالين 300–800 ليفٽيننٽ ڪرنل
ريجمنٽ يا
برگيڊ
1,000–5,500 ڪرنل يا
برگيڊيئر جنرل
ڊويزن 10,000–25,000 ميجر جنرل
ڪور 30,000–50,000 ليفٽيننٽ جنرل
فيلڊ آرمي 100,000–300,000 جنرل
فوجي گروپ 2 کان وڌيل فيلڊ آرمي فيلڊ مارشل يا
پنج تارن وارو فوجي آفيسر
فوجي ضلعو 4 کان وڌيڪ فوجي گروپ ڇهه تارن وارو فوجي آفيسر يا
فوج جو سپه سالار