ڪلپنا پوٽواري

هندستاني ڳائڻي

ڪلپنا پوٽواري (انگريزي ٻولي: Kalpana Patowary) آسام کان هڪ هندستاني پلي بيڪ ڳائڻي ۽ لوڪ راڳي آهي. هيءَ 30 ٻولين ۾ گانا ڳائيندي آهي. اين ڊي ٽي وي اميجن تي ريئلٽي شو جونون - ڪچھ ڪر ديکي ڪا (2008) ۾ هن حصو ورتو هيو. جيتوڻيڪ هن وٽ انيڪ لوڪ ۽ مقبول گانا آهن، پر ڀوڄ پوري موسيقي سندس سڀ کان وڌيڪ سرشار آهي.[1]

ڪلپنا پوٽواري Kalpana Patowary

ڪلپنا پوٽواري Kalpana Patowary
پس منظري معلومات
پيدائش آڪٽوبر 1978 (عمر 45 سال)
سرڀوگ, آسام, هندستان
تعلق آسام,انڊيا
صنف قديم-صوتي لوڪ، پکڙاءُ اليڪٽرانڪ ۽ نئين دور جو جاز- فيوزن، اليڪٽرانڪ فيوزن، هندستاني / آسامي ڪلاسيڪل، جاز ۽ غزل
پيشا ڳائڻي
سرگرم سال 1993–کان هيئنر تائين

شروعاتي زندگي ۽ پس منظر سنواريو

پٽواري 27 آڪٽوبر 1978 تي آسام جي بارپيٽا ضلعي ۾ جنم ورتو هيو.[2] سال 1996 ۾ ڪاٽن ڪاليج، آسام ۽ وشاراد کان هندستاني ڪلاسيڪل ميوزڪ، لکنئو کان انگريزي ادب ۾ گريجوئيٽ، پوٽواريءَ 4 سال جي ڄمار ۾ عوامي سطح تي پرفارم ڪرڻ شروع ڪيو. کيس ڪامروپيا ۽ گول پوريا آساميائي لوڪ راڳ جي تربيت پنهنجي پيءٌ سري بپن پوٽواري ڏني هُئي، جيڪو پاڻ هڪ لوڪ فنڪار (ڳائڻو) آهي، پٽووري کي ڀٽڪنڊي ميوزڪ انسٽي ٽيوٽ يونيورسٽي لکنئو کان هندستاني ڪلاسيڪي راڳ ۾ سنگيت وشاراد جي سِکيا پڻ ملي آهي.[3] هيءَ ڀوجپوري لوڪ ميوزڪ جي انيڪ طرزَ ڳائيندي آهي، جن ۾ پوروي، پاچرا، ڪجري، سوهر، وواهہ گيت، چيتا، ۽ نوٽنڪي شامل آهن.[4] ڀيکاري ٺاڪر جي ڪم تي پوٽواري گهڻو گهٽ ڪم ڪيو آهي ۽ ان جي زندگي ۽ ڪم جي ياد ڏيارڻ جي لاءِ هڪ البم جاري (رليز) ڪيو اٿائين.[5]

ڪيريئر سنواريو

پوٽواري پهرئين ڀوڄپوري ڳائڻي آهي جنهن کاڊي برها روايت جي آڳاٽي روايت کي بين الاقوامي پلٽيفارم تي پيش ڪيو آهي.[6] 2013 ۾، پوٽواري بامٻائي (هاڻي ممبئي يا بمبئي) ۾ هڪ دستاويزي فلم، بيديا ۾ اچي فن جو ڏيکاءٌ (مظاهرو) ڪيو. 8 ڊسمبر 2013 تي اها دستاويزي فلم ريليز ٿي هُئي، اها مهاجر ڪارڪن ۽ ان جي موسيقي جي عينڪ سان ممبئي تي نظر وڌي هئي. هندستاني يوم آمد جي موقعي تي وزارت ثقافتي معاملن طرفان پيش ڪيل چار لاطيني امريڪي ملڪن ۾ 15 ڏينهن جي دوري تي پرفارم ڪرڻ جي لاءِ کيس دعوت ملي هُئي. پوٽواري ڇپريا پوروي انداز ۾ ريڪارڊنگ ۽ گانا ڳائيندڙ پهرئين زائفان ڳائڻي آهي.[7] پنهنجي ڪم جي پيشڪش کان اڳ، پوروي هڪ مرد سانڍيل هئي.

سياسي ڪيريئر سنواريو

جولاءِ 2018 ۾ پوٽواري پٽنا ۾ پنهنجي صدر امت شاهہ ۽ بهار جي نائب وزير اعليٰ سشيل ڪمار مودي جي موجودگيءَ ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) ۾ شموليت اختيار ڪئي.[8]

حوالا سنواريو

ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو