ڪليگنفرٽ(انگريزي: Klagenfurt am Wörthersee)[1][2] (English /ˈklɑːɡənfʊərt/ klah-GƏN-foort) آسٽريا جي وفاق ۾ شامل ھڪ رياست ڪارنٿيا جي گادي جو هنڌ آهي.پھرين جنوري 2020ع ۾ ان جي آبادي 101,303 آهي. ھي شھر آسٽريا جو ڇھون نمبر وڏو شهر آهي. رومن ڪيٿولڪ مذھب ۾ ھي شھر بشپ جي سيٽ وارو شھر آھي. ھن شھر جو سڀ کان مشھور تعليمي ادارن ۾ ڪليگنفرٽ يونيورسٽي، اپلائيڊ سائنسن واري ڪارنٿيا يونيورسٽي ۽ موسيقي واري گسٽاف يونيورسٽي آھن.

ڪليگنفرٽ
Klagenfurt am Wörthersee
Klagenfurt
Klagenfurt
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
ڪليگنفرٽ is located in Carinthia
ڪليگنفرٽ
ڪليگنفرٽ
ڪليگنفرٽ is located in آسٽریا
ڪليگنفرٽ
ڪليگنفرٽ
ڪارنٿيا ۾ ڪليگنفرٽ جو مقام##آسٽريا ۾ ڪليگنفرٽ جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 46°37′N 14°18′E / 46.617°N 14.300°E / 46.617; 14.300مڪانيت: 46°37′N 14°18′E / 46.617°N 14.300°E / 46.617; 14.300
ملڪ  آسٽريا
رياست ڪارينٿيا
ضلعو ڪليگنفرٽ شھري ضلعو
حڪومت
 • برگوماسٽر ماريا لوسي ميٿيئاسڪٽز (آسٽريا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي)
بلندي 446 ميل (1,463 ft)
ڪليگنفرٽ يونيورسٽي

ھي شھر سامونڊي سطح کان 446 ميٽر (1٬463 فٽ) بلندي تي وورٿرسي ڍنڍ لڳ گلئن ندي جي ڪناري تي واقع آهي. شھر جي پکيڙ 120.03 ڪلوميٽرزچورس (46.34 sq mi) آھي. شھر جي چوڌاري ٻيلا ۽ جنگل واقع آھن.

ڪليگنفرٽ شھر جو ھال

ھن شھر جو بنياد اسپينھيم ڊيوڪ ھرمن ٻارھين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ وڌو پوء 1246ع ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري ان جي پٽ ڊيوڪ برنھارڊ فان اسپينھيم ان جو بنياد موجوده مقام تي ساڳي نالي سان وڌو جنھن کي 1252ع ۾ شھري درجو مليو. ان ڪري ڊيوڪ برنھارڊ ھن شھر جو باني سڏبو آهي.

ڊيوڪ برنھارڊ فان اسپينھيم جو مجسمو

ھي شھر ڪارنٿيا جو صنعتي مرڪز آھي جتي ان رياست جي 20 سيڪڙو صنعت واقع آهي. ھتي ڪليگنفرٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ واقع آهي.

حوالا سنواريو

  1. Landesgesetzblatt 2008 vom 16. Jänner 2008, Stück 1, Nr. 1: Gesetz vom 25. Oktober 2007, mit dem die Kärntner Landesverfassung und das Klagenfurter Stadtrecht 1998 geändert werden. (link)
  2. Kattnig, Franc; Zerzer, Janko (1982) (sl,de ۾). Dvojezična Koroška/Zweisprachiges Kärnten. Klagenfurt: Mohorjeva/Hermagoras. p. 14.