ڪشمور ضلعو

سنڌ، پاڪستان ۾ ضلعو

ڪَشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ باب الاسلام جو هڪ سرحدي گهڻ قبائلي ضلعو آهي. هيءُ ضلعو 13 ڊسمبر 2004 تي خان ڳڙھ عرف جيڪب آباد ضلعي کي ٽوڙي جوڙيو ويو. اِن جوصدر مقام ڪنڌڪوٽ شهر آهي.

ڪشمور ضلعو
ضلعو
ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
ڪشمور ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ڪشمور ضلعو ۽ ان جا تعلقا
مير غوث بخش بجاراڻي جو بنگلو
مير غوث بخش بجاراڻي جو بنگلو
ڪشمور ضلعو is located in سنڌ
ڪشمور ضلعو
ڪشمور ضلعو
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 28°20′N 69°25′E / 28.333°N 69.417°E / 28.333; 69.417مڪانيت: 28°20′N 69°25′E / 28.333°N 69.417°E / 28.333; 69.417
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ڪل تعلقا 3

تاريخ سنواريو

1702 ڌاري جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت هئي۔تڏهن هن علائقي کي فتح پور جي نالي سان سڏيو ويندو هو۔ ان پرڳڻي جو صدرمقام موجوده غوثپور هئو۔ ڇاڪاڻ ته غوث پور جو پراڻو نالو فتح پور آھي۔ 1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الحاق رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو، دادو ضلعا موجوده شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. برٽش انڊيا جي سرڪار بعد م شڪارپور ضلعو ختم ڪري سکر کي ضلعي حيثيت ڏئي موجوده شڪارپور ضلعي کي ان جو تعلقو بڻايو. پوء وري جيڪب آباد کي الڳ ڪري ضلعي حيثيت ڏني وئي جنھن ۾ موجوده ڪشمور ضلعو پڻ 2004 تائين شامل رھيو۔ اھڙي طرح 13 ڊسمبر 2004 ۾ جيڪب آباد ضلعي جي ٻن تعلقن: ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ کي الڳ ڪري ھڪ نئون تنگواڻي تعلقو بڻائي ڪري نئين ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي کي قائم ڪيو ويو جنھن جو صدر مقام ڪنڌڪوٽ شھر کي بڻايو ويو.

تعلقا سنواريو

هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن.

  1. ڪنڌڪوٽ تعلقو
  2. ڪشمور تعلقو
  3. تنگواڻي تعلقو۔

يونين ڪاؤنسلون سنواريو

ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 لائين پراڻي (ڪشمور) 2 کوسڪي (ڪشمور) 3 مسوالو (ڪشمور)
4 ڊوميوالي (ڪشمور) 5 گيھل پور (ڪشمور) 6 گلڻ پور (ڪشمور)
7 سوڍي (ڪشمور) 8 نورپور پڪو (ڪشمور) 9 چاچڙ (ڪشمور)
10 بڊاڻي (ڪشمور) 11 گبلو (ڪشمور) 12 مھر (ڪشمور)
13 توج (ڪشمور) 14 ڪنب (ڪشمور) 15 سامائو (ڪشمور)
16 ڪمبڙي (ڪشمور) 17 زورگڙھ (ڪشمور) 18 فتح پور (ڪنڌڪوٽ)
19 رسالدار (ڪنڌڪوٽ) 20 جاگير آباد (ڪنڌڪوٽ) 21 دولتپور
22 وڪڙو 23 آکيرو 24 ملھير
25 ھيبت 26 غوث پور'''''' 27 ڍنڍي (ڪنڌڪوٽ)
28 جعفر آباد (تنگواڻي) 29 چيل 30 لاشاري
31 بجراڻي 32 سھلياڻي 33 مانجھي
34 گل والي 35 صيفل 36 سعدو ڪوٽ
37 ڪرمپور 38 شير ڳڙھ 39 دنيا پور
40 نصيراڻي 41 بھلڪاڻي [ايازآباد] -

حوالا سنواريو

۔