ڪريلو (سائنسي نالو: Momordica charantia) هڪ مشهور سبزي آهي جنهن جو شمار ڪوڙي ترين سبزين ۾ ٿيندو آهي پر هن جا بيشمار طبي فائدا آهن۔ هن جي پوک ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۽ آفريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ ٿيندي آهي۔

ڪريلو ۔ Bitter melon
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: نباتات
(unranked): گلن وارا پٻوٽا
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): Rosids
ترتيب: ڪڪربيٽاليز
خاندان: Cucurbitaceae
نسل: Momordica
جنس: M. charantia
حياتياتي نالو
Momordica charantia
Descourt.
ڪريلي جو چيني قسم۔

هنن جو ڦر چئن انچن کان اٺن انچن جيڏو ڊگهو ٿيندو آهي. وچ ۾ ٿلهو ۽ پاسن کان سنهو، جهڙي ننڍي سٽ جي ناڙي. کل گهنجن ۽ ڳُوڙهن واري اٿس. ڪچيءَ ۾ سائو پڪيءَ ۾ ڳاڙهو يا کهنبو ٿيندو آهي. تمام ڪڙو ٿيندو آهي. ڏيهي ماڻهو گهڻو کائيندا آهن. ڀاڄي به ڪندا اٿس، ٻوڙ ۾ به وجهندا آهن. هنن کي سڪائي، لوڻ لائي ڪچريون ڪري به رکندا آهن. هن جا ٻه قسم چوندا آهن. ٻج سانوڻ کان اڳڀرو پوکبو آهي ۽ ڦر سياري ۾ ڪم ايندو آهي. هن جو وڻ ول جهڙو ٿيندو آهي. پن ساوا ۽ ننڍڙا، گل کليل ۽ پيلا ٿيندا اٿس.ڪريلي کي انگريزيءَ ۾ مومارِڊ ڪا چارانٽيا چون ٿا.[1] ٿر ۾ ڪٿي ٿورا ڪريلا به ٿين. اهي وليون خاص پوکبيون ڪونه آهن، پر ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن جي ڍنگهرن جي لوڙهڻ ۾ بعضي ٻڄ اُڇليو ڇڏين ته پوءِ سال بسال پيون اتي اڀرنديون آهن، جن ۾ ڪريلا ٿيندا آهن. ٿر جا شهري ماڻهو بعضي ڪريلن جي ڀاڄي ڪندا آهن نه ته ٻهراڙين ۾ نڪو ايتريون وليون پوکين، نڪو ٿين، پر جي اتفاق سان ڪٿي ڪا ول ٿئي ته گهڻن کي ڀاڄي رڌڻ جو ڏانءُ ڪونه اچي[2].

طب سنواريو

عربي ۾ ان کي قثاءِ البر، فارسيءَ ۾ ڪريلا، ھندي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ ڪريله، خيارزه ۽ ڪاربيل چوندا آهن. ان جي تاثير گرم ۽ خشڪ آھي مشهور بيضوي شڪل جو، سائي رنگ تي هڪ ڦر آهي، هن جي کل تي ڪنڊا ڪنڊا ٿيندا آهن، گوشت سان گڏ رڌي کائبو آهي. معدي کي طاقت ڏئي ٿو، پيشاب جاري ڪندو، ڪچن خلطن کي پچائي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو، دماغ جي رطوبت، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، يرقان، جلندر، سنڌن جي سور، عرق النسا، مثاني جي پٿري، ادرار مني، قوت باهه ۽ پٺن جي سور لاءِ مفيد آهي. معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍي ٿو.[3]


 
ڪريلو جو ڏکڻ ايشيائي قسم۔

ڪريلي ۾ بيشمار وٽامن آهن جنهن ۾ Vitamin(A,B,C,K) شامل آهن. امکان علاوه ميگنيشيم، فاسفورس، پوٽاشيم ۽ زنڪ جي به ڪافي مقدار آهي. هي خون صاف ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.

تصويرون سنواريو

جھنگلي ڪريل سنواريو

نالا: ع. قثاءِ الحمار، ف. خيار دشتي، هه. وغيره___- ڪچري تلخ، سمهانڪ ۽ شقر شينا. اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ___-، عيوض: ___-، وزن: 2 ماسا. سڃاڻپ: هي پاڻ ۽ سندس ول ٻئي چڀڙ جي نموني ٿيندا آهن، تفاوت هي آهي، جو هن تي ڪنڊا ڪنڊا ٿيندا آهن، هن جي کل هيڊي ٿئي ٿي. خاصيت: صفرا جي خلط ۽ بلغم لاءِ جلاب آهي، فالـج، لقوي، مرگهي، جلندر، يرقان، سنڌن جي سور ۽ عرق النسا جي درد ۾ مفيد آهي. مثاني مان پٿري ڪڍي ٿو، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. هن کي ترن جي تيل ۾ ساڙجي، پوءِ اهو تيل ڪن جي ٻوڙاڻ ۽ ڪن جي سور لاءِ مفيد آهي.[3]،

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. 3.0 3.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو