ڪردار نگاري (Characterization) ڪھاڻيءَ ۾ موجود فردن کي ڪردار چيو ويندو آهي، پر جديد ادبي دنيا ۾ هر شيءِ هڪ ڪردار آهي. انسان، جانور، جبل، سمنڊ، پکي پکڻ، سڀ پنھنجي جڳھ تي ڪردار آهن. اهو هڪ اديب تي ڇڏيل آهي تہ ڪھڙي شيءِ کان متاثر ٿي انھيءَ کي پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ جڳھ ڏئي ٿو. پر شرط اهو آهي تہ هو جنھن ڪردار کي چونڊي ٿو، ان متعلق کيس مڪمل ڄاڻ هجي. ان ڪردار جي خاصيت ان ڪردار جي خصلت کان چڱيءَ طرح واقف هجي. مثال ارنيسٽ هيمنگوي (1899-1961ع) جو مشھور ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ ۾ سمنڊ بہ هڪ ڪردار آهي جنھن تي ڪهاڻي ڦري ٿي. افسانوي ادب ۾ ڪردار نگاريءَ ۾ توازن اھم جزو ھوندو اھي. افساني ناول يا ڊرامي جا ڪردار اسماني مخلوق نہ، پر معاشري جا جيئرا جاڳندا انسان ھجن. سندس ڪردارن مان معاشري جو عڪس نمايان نظر اچي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.