ڪربلا

عراق جو شھر

ڪربلا عراق ملڪ جو هڪ شهر آهي.

ڪربلا جي جنگ

ڪربلا معلى شهر، بغداد کان 105 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڏاکڻي ۽ اولهائين ڪنڊ کان فرات جي ريگستان جي اُلهندي ڪناري تي موجود آهي. ڪربلا 44 درجه ۽ 40 منٽ اوڀر جي ڊيگھ تي ۽ 31 منٽ اتر جي ويڪر تي آهي. هن جي اُتر کان الانبار، ڏکڻ کان نجف اشرف، اوڀر کان حلّه ۽ بغداد صوبي جا ڪي علائقه لڳن ٿا ۽ اُلهندي پاسي شام ۽ عربستان جي وادي واقع آهي.

ڪربلا معليٰ شهر جي ماپ 6065 ڪلوميٽر هم چورس آهي. هي شهر به ٻين قديم شهرن وانگر ٻن حصن (پراڻو ڪربلا ۽ نئون ڪربلا) ۾ ورهايل آهي.

ڪربلا شهر جا مشهور محلا سنواريو

  • باب السلامة
  • باب الطاق
  • باب بغداد
  • باب الخان
  • باب مخيّم
  • باب نجف

ڪربلا جو تاريخي پس منظر سنواريو

عراق ملڪ سن 12ھ قمري تائين ايران جي صاحبيءَ ۾ شامل هو، ايستائين جو سن 12 کان سن16 هجري تائين آهستي آهستي پوري جو پورو عراق خيل خروشان نالي مسلمانن جي سپاهين آزاد ڪرايو جنهن ۾ ڪربلا معلى به شامل هو، ۽ سن 14 هجري ۾ قادسيه واري هاڪاري لڙائي انهي سلسلي جي ڪڙي آهي.تاريخ اسلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته عراق جي سرزمين تي هميشه آل محمد جي شيعن جو راڄ رهيو آهي ، هن ملڪ ۾ ڪيترائي وڏا تاريخي واقعا پيش آيا ۽ هي ملڪ وڏن انقلابن جو مرڪز پڻ رهيوآهي.

سن 36 هجري قمري ۾ جڏهن امام علي عليه السلام جنگ صفين ڏانهن وڃي رهيا هئا، ته جڏهن ڪربلا جي سرزمين تي پهتا ۽ ڪربلا جو نالو ٻڌائون ته پاڻ سندن سواري تان هيٺ لٿا، وضو ڪري نماز پڙهيائون ۽ پوءِ ڪربلا جي خاڪ پنهنجي مُٺ ۾ جهلي اهو فرمايائون ته: هن سر زمين تي هڪ هانءُ ڏاريندڙ واقعو رونما ٿيندو، هن سرزمين تي هڪ قافلو ايندو هتي ان جي رهائش ٿيندي ۽ هن ئي زمين تي سندن خون وهايو ويندو، هي جڳهه رهڻ جي جاء آهي ۽ هن جڳهه تي اهي شخصيتون قتل ڪيون وينديون جيڪي محشر جي ڏهاڙي حساب ڪتاب جي بغير جنت ۾ داخل ٿينديون

ڪربلا کي حاير الحسيني سڏڻ جو ڪارڻ سنواريو

ڪربلا معلى تي اهو نالو تڏهن پيو جڏهن متوڪل عباسي امام حسين عليه السلام جي روضي مبارڪ کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو، جيتوڻيڪ روضي واري مقام ڏانهن ايترو ته پاڻي ڇڏيو ويو جو چوطرف پاڻي ئي پاڻي نظر پئي آيو، پر اهو پاڻي امام عليه السلام جي روضي مبارڪ ۾ داخل ئي ڪونه ٿيو، ان جي حد امام عليه السلام ۽ شهداء ڪربلا جي ضريح مبارڪ آهي. حضرت رسول خدا ﷺ ابو سعيد خدري کي فرمايو هو ته : “ حسين جو حرم تمام گهڻو مقدس آهي ۽ اتي عبادت ڪرڻ جي تمام گهڻي فضيلت آهي سندس روضي ۽ گنبذ هيٺيان رب پاڪ ماڻهن جون دعائون اگهائيندو. ۽ الله سائين سندن نسل ۾ معصوم امامن جو سلسلو جاري رکيو آهي.” ان حديث جو مطلب ان مقام تي واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو.

حوالا سنواريو