ڪراچي ڊويزن پاڪستان جي صوبي سنڌ جي هڪ انتظامي ڊويزن آهي جنهن ۾ هيٺيان ضلعا شامل آهن. ڪراچي ڊويزن جي ڪل پکيڙ 3528 چورس ڪلوميٽر آهي. 1998 م ھن ڊويزن جي آدمشماري 98,56,318 ھئي جيڪا 2017 ۾ وڌي 1,60,51,521 تائين وڌي وئي.

ڪراچي ڊويزن
ڊويزن
ڪراچي ڊويزن جو نقشو
ڪراچي ڊويزن جو نقشو
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعا *ڪراچي ڏکڻ ضلعو
پکيڙ
 • ڪل 3,528 ڪ.م2 (1,362 ميل2)
آبادي (2017)
 • ڪل 1,60,51,521

ورهاڱي کان اڳ جي ڪراچي سنواريو

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي عملي طور تي هڪ سنڌي شهر ۽ ضلعو هئو. ڪراچي ضلعي جي 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب ان وقت ڪراچي ضلعي جي ڪُل آبادي 713،900 هئي، جنهن ۾ 406،050 سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي رڳو 30 هزار هئي.

  1. ڪراچي ڏکڻ
  2. ڪراچي اوڀر
  3. ڪراچي اولهه
  4. ڪراچي مرڪزي
  5. ملير ضلعو
  6. ڪورنگي ضلعو