ڪاسني (عربي: هندبلي، فارسي: ڪاسني، ھندستاني، وغيره: ڪاسني سبز، انيطونيہ، جاءِ البقل ۽ ساوس.) هڪ ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو باغن ۽ پاڻيءَ وارين جاين تي ٿئي ٿو. هن جو ٻج [جيري جي ٻج وانگر ٿئي ٿو.

ڪاسنيCichorium endiva

طب سنواريو

هن جا پن ساڳ وانگر رڌي کائجن تہ صفرا ۽ رت جي جوش، گهڻي اُڃ ۽ گرم ۽ صفراوي تپن کي گهٽائين ۽ لاهين ٿا. يرقان، ٻرهل، جگر جي سوڄ ۽ جگر جي سور لاءِ مفيد آهن ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪن ٿا. هن جو ٻج گهوٽي پيارڻ سان پيشاب جاري ٿيندو، مثاني مان رائو نڪري ويندو. جگر جي گرمي، چيلھ جي سور، گردن جي سور ۽ ڦڦڙن مان رت اچڻ جي مرضن ۾ مجرب آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.