ڪئلينڊر (Calendar) لاطيني زبان جو لفظ آهي. ڪئلينڊر لاءِ سنڌي اصطلاح ”سال جي ڦانڊڻي“ جا لفظ ڪم اچن ٿا. هڪ گهڻن صفحن تي مشتمل جدول، جنهن ۾ ڏينهن، هفتا ۽ سال جون تاريخون ۽ موسمي معلومات ڏنل هجي. هونئن تہ ڪئلينڊر جا ڪيترائي قسم آهن، پر اسان وٽ هجري ڪئلينڊر ۽ عيسوي ڪئليندر هلندا آهن. راءِ گهراڻي کان وٺي سنڌي ڪئلينڊر ڪم اچي ٿو، جنهن کي ’سنبت‘ بہ چون ٿا، جنهن جي مهينن جي ترتيب هن ريت آهي: ويساک (ويشاک)، چيٺ (جيٺ/جيَيشٺ)، آرهڙ (اَسار/آشاڙھ)، سانوڻ (سائُن/شراوَڻ)، بڊَءُ (ڀدو/ڀادرپد)، آسُو (اَسوج/آشوِن)، ڪتي (ڪاتِڪ/ ڪارتِڪ)، منگهر (مَنسِر/مارگشِيرش)، پوھ (پُش/پوش)، مانگهہ (ماگهہ)، ڦڳڻُ (ڦاگُن/ڦالگُن) ۽ چيٽ (چيت/چيتر)[1]

سنڌيءَ ۾ معنيٰ سنواريو

تقويم- ڪيلينڊر- جنتري ٽپڻو- جنتري- سال نامو- ڪئلينڊر تاريخ، مھينا، ھفتا ۽ سال ڏسيندڙ جنتري[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "Calendar | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-02-03.