کُرو (ڪَيناءِ چھنب) (سائنسي نالو: Gelochelidon nilotica، انگريزي نالو:Gull-billed Tern) 38 سينٽي ميٽرن جسامت واري ھن پکي جا نر ماد ھڪجھڙا ٿين ٿا، درياھي ڪيناءِ جھڙو ٿئي ٿو پر چھنب ننڍي مضبوط ۽ ڪاري ٿئيس ٿي.، سياري ۾ مٿو صفا اڇو ٿي ويندو اٿس. ھن کُري جو پُڇ ننڍو ھلڪو ۽ ٻہ ڦاڪو ٿئي ٿو. ان جي پُٺي روپلي سرمائي، چھنب ڪاري، مٿو ۽ ڪنڌ ھوندو آھي، ننڍي عمر جي پکيءَ جو مٿو سرمائي اڇو ۽ پٺي ھلڪي ناسي ٿيندي آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ابڙو بدر، سنڌ جي جھنگلي جيوت، ص 136، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2009ع.