کاڄا(انگريزي: Cashew) يا ڪاجو: کاڄن جو وڻ هن ملڪ جو آهي. هن کي بعضي هندستانيءَ ۾ هِجلي بادام به سڏيندا آهن. شڪل توڙي قد ۾ هي وڻ اکروٽ جهڙو ٿو ٿئي، پر پن پورا سڌا بيٺل نه اٿس. گل سرها گلاب جي رنگ جهڙا ٿا ٿينس. دکن ۾ هي وڻ وڏو قد ڪري ٿو. ٻين به گهڻن هنڌن ۾ ٿئي ٿو، جهڙوڪ بمبئي، برما، ميوو شڪل ۾ ننڍي زيتون جهڙو ٿو ٿئي، جنهن جي هيٺان کاڄو لڳل رهي ٿو. اهو ميوو به کاڄندو آهي ۽ کاڄو به. شڪل توڙي قد بُڪيءَ جهڙو ٿو ٿئيس. کل ٿلهي ۽ سخت اٿس. کل ۽ مغز جي وچ ۾ تيل جهڙي سخت شيءِ رهيس ٿي. مغز باهه ۾ پوهي يا ڀڃي کائيندا آهن. بعضي ميوي جي ڳر کنڊ يا سرڪي ۾ ڪاڙهي ڪم آڻيندا آهن.

کاڄا
پڪل کاڄا
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ايناڪارڊيم
جنس: Template:Taxonomy/ايناڪارڊيم{. آڪسيڊينٽيل
حياتياتي نالو
ايناڪارڊيم آڪسيڊينٽيل
ڪارل لينيوئس

برسات جي موسم ۾ هن جو ٻج پوکڻ ۾ ايندو آهي. ٽَڪرن تي نه ٿيندو آهي. کاڄي کي انگريزيءَ ۾ ڪاشيونَٽ چوندا آهن. اردوءَ ۾ ان کي ڪاجو چوندا آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو