ڏاکڻ اوڀرايشيائي گهوٽالو

ڏاکڻو اوڀرايشيائي گهوٽالو يا ايسٽ ايشين ڪرائسز (East Asian Crisis) اصل ۾ ڏاکڻي اوڀر ايشيا جي مُلڪن ۾ جولاءِ 1997ع کان شروع ٿيل مالي گهوٽالو، جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي اثر هيٺ ۾ آڻي ڇڏيو. ان جي شروعات ٿائيلئنڊ کان ٿي، جڏهن اُتان جي حڪومت پنهنجي سڪي ’ڀات‘ جو مُلهه آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ گهٽائي، پراپرٽيءَ جي ڪاروبار ۾ آيل بُحران تي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏسندي ئي ڏسندي ان قدم جا اثر ڏاکڻي اوڀر ايشيائي ملڪن ۽ جاپان تي پوڻ لڳا ۽ سندن ملڪي سڪي جو ملهه گهٽجڻ سميت ملڪي قرض ۾ واڌارو ۽ اثاثن جي ملهه ۾ لاٿ اچي وئي .ٿائيلنڊ، ڏکڻ ڪوريا ۽ انڊونيشيا هن گهوٽالي جي سخت وڪڙ ۾ آيا، جڏهن ته هانگ ڪانگ، ملائيشيا، فلپائين ۽ لائوس کي به مالي جهٽڪا لڳا. ساڳئي گهوٽالي جا اثر چين، ڀارت، تائيوان، سنگاپور، برونائي ۽ ويٽنام ۾ به ڏٺا ويا. ان صورتحال کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ’آئي ايم ايف‘ 40 بلين ڊالر سيڙائي لاڳاپيل ملڪن کي گهوٽالي مان ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا جوڙي. ان جي نتيجي ۾ 1998ع کان متاثر ٿيل ملڪن ۾ چڱائي جي صورتحال پيدا ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد