ڊيسالٽ رفيل

ڊيسالٽ پاران گھڻ-ڪردار ويڙھاڪ ايئرڪرافٽ ڪُٽنب


ڊيسالٽ رفيل (انگريزي ٻولي: Dassault Rafale) لفظي معنيٰ "ھوا جو پڙاڏو" ،[3][4] ۽ وڌيڪ فوجي مطلب ۾ "باھ جو ڦاٽڻ")، فرانس جو ويڙھاڪ جھاز آھي. جنھن کي فرانس جي ڪمپني ڊيسالٽ ٺاھيو آھي. ھي جھاز وڏو ڦڙتيلو آھي. ان ۾ ٻہ انجڻيون ھونديون آھن ۽ ان ۾ ھڪ يا ٻہ پائليٽن جي جڳھ ھوندي آھي. ان کي ڌرتيءَ تان يا وري ايئرڪرافٽ ڪيرئير تان اُڏاري سگھجي ٿو، ان کي ٻين ديشن ڏانھن پڻ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي پر ھينئر تائين سواءِ انڊيا جي ٻئي ڪنھن بہ ملڪ ان کي ناھي ورتو. انڊيا پاران فرانس کان 36 رافال جيٽ جھاز وٺڻ جو معاھدو ڪيو ويو،[5] ان جو مُلھ (اگھ) 82 کان 90 ملين ڊالر جي وچ ۾ آھي. 120 رفيل فرانس جي وڏي استعمال ۾ آھي.

رفيل
فرانسيسي فضائيا جو ھڪ رافال B (سامھون) ۽ رافال C (پويان)
کردار ڪثير ڪمن وارو ويڙھاڪ جھاز
اصلي وطن فرانس
ٺاھيندڙ ڊيسالٽ ايويئيشن
پھرين اڏام 4 جولائي 1986ع
متعارف ڪرايو ويو 4 ڊسمبر 2000ع
حیثیت پيداوار ھلندڙ، ۽ اڃان استعمال وارو
بنیادي استعمال ڪندڙs فرانسيسي فضائيا
فرانسيسي بحريہ
پروگرام تي لاڳت 39,600,000,000 (1 جنوري 2008[1])
رڳو ھڪ جو ملھ Rafale C: 64,000,000, US$82,300,000 (تيار ٿيڻ تائين لاڳت , 2008)[1]
Rafale M: 70,000,000, US$90,500,000 (تيار ٿيڻ تائين لاڳت , 2008)[1]

ھڪ جھاز جي لاڳت

64,000,000 US$90,500,000 (لاڳت جو مدار نموني ۽ قسم مطابق وڌيڪ بہ ٿي سگھي ٿو 90,000,000US$124,000,000, 2010)[2]

پھريون رفيل 4 جولائي 1986ع تي اڏيو ويو، جڏھن تہ سڀ کان پھريون پورو تيار جھاز 4 ڊسمبر 2000ع تي اڏيو ويو. رفيل پروگرام تي 27.82 بلين يورو خرچ ٿيا. 1970ع جي وچ ۾ فرانس جي فظائيا (ايئرفورس) ۽ سامونڊري فوج (نيوي) کي پُراڻن جھازن جي بدليءَ ۾ ھڪ نئون جھاز کپندو ھيو، تنھنڪري انھن مُنڍ ۾ برطانيا، اٽلي، اسپين سميت جرمني سان گڏجي يورو فائٽر ٽائيفون تي ڪم شروع ڪيو پر فرانس پوءِ پنھنجي بناوٽ (ڊزائن) پويان ٻين ملڪن سان ٺاھ واري اھا ٽولي ٽوڙي ڇڏي ۽ اڪيلي رفيل تي ڪم شروع ڪيو.

گن سنواريو

بناوٽ سنواريو

ڊيسالٽ رفيل ھڪ ڊيلٽا پرَن وارو جھاز آھي، جنھن جي پرن اڳيان ٻہ پتڪڙا ڪينارڊ پڻ لڳل ھوندا آھن، انھن ڪينارڊن جي ڪارڻ وڌيڪ اٿار (لفٽ) بڻائيندو آھي ۽ ڦڙتيءَ سان اڏري پوندو آھي، ھي 9 جي کان ڪاٽو (منفي) 3جي تائين سھي سگھي ٿو جڏھن تہ ٻڙڌڪ (ايمرجنسي) ۾ 11جي تائين سھي سگھندو آھي. ڪينارڊن جي ڪارڻ اھو 213 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي تيزيءَ سان لَھي سگھي ٿو. ھي جھاز 400 ميٽر جي ڊوڙ رستو (رن وي) تان پڻ ڪم ڪري سگھي ٿو.

کوجي سرشتو سنواريو

رفيل ۾ ٻين جھازن جو کوج (ڳولھا) لھڻ لاءِ ۽ انھن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ ٿيلز آر بي اي 2 پيسا ريڊار ھوندو آھي. اھو ريڊار 40 جھازن جي کوج ھڪ وقت ئي رکندو آھي ۽ 8 جھازن تي ميزائل ماري سگھندو آھي. اھو ريڊار جھاز کي راھ ڏيکارڻ واسطي ڏاڍو سُٺو نقشو پڻ بڻائي ڏئي سگھندو آھي.

جيڪڏھن ڪوئي جھاز ريڊار تي رھيو ھوندو تہ ان جو پتو وڏي آرام سان لڳي ويندو آھي انھيءَ ڪري رفيل ۾ مختلف ٻيا کوجي سسٽم پڻ ناھين. انھن ۾ ھڪ جھاز اڳيان لڳيل ھوندو آھي جھڙو انفراريڊ تي نظڙ ايندڙ روشني ۾ دشمن جي کوج لھي سگھندو آھي. رفيل ۾ ٿيلز ڪمپني جو اسپيڪٽرا سسٽم پڻ ھوندو آھي جنھن سان اھو بغير ڪنھن دشمن کي پتو لڳڻ ساٿين سان ڳالھ ٻولھ ڪري سگھبي آھي. ھن جھاز ۾ زمين تي نشانو لڳائڻ لاءِ ريڊار پڻ ڪم ڪندو آھي تہ انکانسواءِ ان جي نشاني اڳيان پاڏ پڻ رکي سگھجن ٿا.

ڪاڪپٽ سنواريو

پائلٽ ھڪ مارٽن بيڪر ڪمپني جي ايجڪشن سيٽ تي ويھندو آھي تہ جھاز کي سڄي ھٿ تي لڳل اسٽڪ سان ھلندو آھي تہ ڪڏھن ھٿ جي بٽڻن سان انجڻين کي قابو (ڪنٽرول) ڪندو آھي. ڪاڪپٽ ۾ ھڪ ھولوگرافڪ ڊسپلي پائلٽ جي اڳيان لڳل ھوندو آھي تہ انکانسواءِ پائلٽ جي ھيلمٽ تي پڻ اھو سسٽم جلدي آڻي ڏيندو.

پائلٽ ريشم جا ھٿ (گلوز) پائيندو آھي تہ اھي جھاز جي اسڪرين کي دٻائي پڻ ڪم ڪري سگھي ٿو، پائلٽ ڳالھائي پڻ جھاز تي ڪم ڪري سگھندو آھي.

ورژن سنواريو

رفيل جي ٽي ورزن منجھان ھڪ ورزن ايرڪرافٽ ڪيرئر کي اڏارڻ ۾ ٻہ زمين تي اڏرڻ واري زمين تي اڏرڻ واري ھڪ تي ھڪ پائلٽ تہ وري ٻئي تي ٻہ پائلٽ ويھندا آھن.

حوالا سنواريو