ڊونلڊ ٽرمپ

2017ع کان 2021ع تائين آمريڪا جو صدر

ڊونلڊ ٽرمپ (ڄمڻ جي تاريخ 14 جون، 1946ع) آمريڪا جي واپاري شخصيت، جيڪو 2016ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي نتيجي ۾ گڏيل آمريڪي رياستن جو پنجيتاليهون صدر چونڊجي چڪو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ
Donald Trump
صدر گڏيل آمريڪي رياستون
منتخب
عهدو سنڀاليو
جنوري 20، 2017
نائب صدر مائڪ پنس (منتخب)
پيشرو بارڪ اوباما
ذاتي تفصيل
پيدائش جون 1946 (عمر 77 سال)
نيو يارڪ شهر، نيويارڪ، گڏيل آمريڪي رياستون
سياسي جماعت ريپلڪن پارٽي (آمريڪا) (1987–1999, 2009–2011, 2012–تاحال)
ٻيون سياسي
وابستگيون
ڊيموڪريٽڪ پارٽي (آمريڪا) (قبل 1987, 2001–2009)
ريفارم (1999–2001)
آزاد (سياستدان) (2011–2012)[1][2]
جيون ساٿي
ٻار ٻچا
مادر علمي فورڌام يونيورسٽي
يونيورسٽي آف پنسلوانيا (BS)
دستخط Donald J Trump stylized autograph, in ink

ڊونلڊ ٽرمپب جون 1946ع ۾ نيويارڪ جي ڪوئنز جي علائقي ۾ پيدا ٿيو هئو. 13 سالن جي عمر ۾ کيس نيويارڪ جي ملٽري اڪيڊميءَ ۾ موڪليو ويو، جتي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ سياست (راڄ مهاڄڻ) ۾ به دلچسپي ورتائين. ٽرمپ 1968ع ۾ يونيورسٽي آف پينسلوينيا مان اقتصاديات ۾ گريجوئيشن ڪئي. بزنس ٽائيڪون فريڊ ٽرمپ جي پٽ ڊونلڊ پنهنجي والد کان مليل قرض تي پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو. 1971ع تي خانداني ڪمپنيءَ جو ڪنٽرول حاصل ڪيائين ۽ ان جو نالو مَٽائي ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيائين. ٽرمپ پنهنجي هوٽلن، ڪسينوز ۽ اڏاوتي منصوبن جي ذريعي ملڪ گير مشهوري ماڻي. 70 سالن جي ٽرمپ موجب، سندس ملڪيت 10 بلين ڊالرن کان وڌيڪ آهن. ٽرمپ جون پهريون ٻه شاديون ناڪام ٿيون. اڳوڻي ماڊل میلانیا ڪناوس سان ٽرمپ 2005ع ۾ ٽيون وهانءُ رچايو. ٽرمپ شوبز انڊسٽري ۽ ميڊيا جي حوالي سان خبرن ۾ رهندو آيو آهي. هن ناليوري ٽي وي سيريز دي اپرنٽس جي 14 سيزنز جي ميزباني ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب به لکيا اَٿس.

1987ع ۾ پهريون ڀيرو ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو خيال ظاهر ڪيو هئو. 2000ع ۾ هن ريفارم پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي. 2008ع ۾ ٽرمپ هڪ ڀيرو وري ان وقت ڌيان جو مرڪز بڻيو، جڏهن هن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار باراڪ اوباما جي ڄمڻ جو هنڌ آمريڪا جي بدرآن ڪینیا کي ڄاڻايو هئو. ڊونلڊ ٽرمپ جون 2015ع ۾ ريپلڪن پارٽي جي ٽڪيٽ تي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ مخالفن کي مات ڏيندي پارٽيءَ جي نامينيشن حاصل ڪري ورتي. نه رڳو اهو پر هڪ کان پوءِ ٻيئي اسڪنڊل، تڪراري ۽ ڌڪار ڏياريندڙ بيانن سبب ٽرمپ سڄي چونڊ مهم تي ڇانيل رهيو ۽ نيٺ آمريڪي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 45 هون صدر بڻجي ويو.[3] 2016ء کے امریکی انتخابات میں ریپبلکن پارٹی کے امیداوار ڈونلڈ ٹرمپ امریکہ کے 45 ویں صدر منتخب ہوگئے ہیں ۔ [4]

زندگيءَ جون حالتون سنواريو

ٽرمپ جمائڪا اسٽيٽس جي اميراڻي علائقي ۾ پَليو ۽ وڏيو ٿيو. ريئل اسٽيٽ جي اڏاوتي ڪم سان لاڳاپيل رهيو. سندس والد بروڪلين ۽ ڪوئينز ۾ اڏاوتي منصوبن سان لاڳاپيل هيو. جڏهن ته ڊونلڊ مين هيٽن جي علائقي ۾ گهڻ ماڙ عمارتون اڏايون. جسٽس ڊپارٽمينٽ، ٽرمپ آرگنائيزيشن تي فيئر هائوسنگ ايڪٽ جي خلاف ورزيءَ جو الزام لڳايو هئو. ٽرمپ ان ڪيس جو فيصلو ڪورٽ سڳوري کان ٻاهر طئي ڪيو. پوءِ ٽرمپ گرينڊ سينٽرل اسٽيشن جي ڀر واري هڪ هوٽل ورتي، جيڪا ڏيوالو نڪتل قرار ڏنل هئي. هن ست ڪروڙ ڊالر اُڌار ورتي ۽ نيويارڪ شٽي کان ٽيڪس جي حوالي سان رعايتون به ماڻيون ۽ هوٽل جي نئين سر اڏاوت کان پوءِ ان کي گرينڊ هائيٽ هوٽل جو نالو ڏنو. 1971ع ۾ هن پنهنجي والد فريڊ ٽرمپ جي ريئل اسٽيٽ ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جو انتظام سنڀاليو. ان کان سواءِ اڏاوتي منصوبن جي اشتهارن ۾ پنهنجو نالو فرينچائز جي طور ڪتب آڻڻ تي ان جو معاوضو به وٺندو هيو.

ٽرمپ ٽاور به سندس سڃاڻپ بڻيو، جيڪو ويهه ڪروڙ ڊالرن جي اپارٽميٽ بلڊنگ آهي. جنهن جي اڏاوت ۾ گلابي رنگ جي سنگ مرمر ڪَتب آندل آهي. جنهن جون 58 مزلون يا ماڙيون آهن. ان جو آبشار 18 ميٽر مٿائيون آهي. نيو جرسيءَ ۾ ايٽلانٽڪ سٽي ۾ ڪيسينوز جي اڏاوت جي ڪارڻ به ٽرمپ کي مشهوري ملي. پهرين ٽرمپ پلازا، پوءِ ٽرمپ ڪيسل ۽ پوءِ تاج محل اڏايائين، جنهن تي هڪ ارب ڊالر خرڇ آيو. پوءِ انهن جو ڏيوالو نڪري ويو. ان کان پوءِ نوان سرمايو لڳائيندڙ ڳوليائين. پر گهر جي معامرن ۾ طلاق کان بچي نه سگهيو ۽ ميڊيا ۾ کيس ”دي ڊونالڊ“ سان سڏيو وڃڻ لڳو. هن پنهنجي پهرين زال، اوانا کي طلاق ڏني، جنهن مان کيس ٽي ٻار آهن. ان کان پوءِ هن مالا ميپلز سان وِهانءُ ڪيو ۽ طلاق ڏني. 2005ع ۾ ٽرمپ پنهنجي هاڻوڪي زال میلانیا، جيڪا سلووينا جي ماڊل آهي سان وِهانءُ ڪيو.

ريئلٽي ٽي وي شو ”دي اپرنٽس“ ٽرمپ کي هڪ اداڪار جو درجو ڏنو. هن شو مان ٽرمپ کي 20 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائي ٿي. هن 1988ع، 2004ع، ۽ پوءِ 2012ع ۾ صدارتي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جو اشارو ڏنو هو. 2006 ۽ 2014ع ۾ نيويارڪ اسٽيٽ جي گورنر شپ جي مقابلي ۾ به حصو وٺندي وٺندي رهجي ويو هيو.

ٽرمپ ماڊل مينجمينٽ جي تحت 1995ع کان مس يونيورس ۽ مس يو ايس ايَ جا مقابلا يا چٽاڀيٽون به ڪرائي رهيو آهي. [5]

ٽرمپ جي لکيل ڪتابن جا نالا سنواريو

  • دي آرٽ آف ڊِيل (The Art of Deal)
  • ڪِرپلڊ آمريڪا (Crippled America)
  • ٽائيم ٽو گيٽ ٽَف (Time to get Tough)
  • دي آرٽ آف ڪَم بئيڪ (The Art of the Comeback)
  • دي آمريڪا وُئي ڊيزرو (The America We Deserve)
  • دي ويَ ٽو دي ٽاپ (The Way to the Top)
  • ٿنڪ لائيڪ بِلنيئر (Think like Billionaire)
  • دي بيسٽ گولف ايڊوائس آءِ ايور ريسيوِڊ (The Best Golf Advice I Ever Received)
  • وائيَ وُئِي وانٽ يو ٽو بي رِچ (Why we want you to be rich)[6]

آمريڪي صدر ٽرمپ تي ڪيسَ سنواريو

آمرڪي آخبار يو ايس اي ٽو ڊيَ پٽاندڙ آمريڪا نئين چونڊيل صدر ٽرمپ گذريل 30 سالن دوران لڳ ڀڳ 4000 ڪيسن ۾ پارٽي رهيو آهي, جن مان هن وقت 75 ڪيسَ هلي رهيا آهن. هاڻي نئون چونڊيل صدر مسٽر ٽرمپ وائيٽ هائوس وڃڻ وارو آهي پر تمام گهڻا نجي ڪيسَ اڃان به ان تي آهن. سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙي قسم جا ڪيسَ آهن ۽ اڳتي هلي آمريڪي صدر تي ڪئين اَثرَ وجهندا.[7]

ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي قسم کڻڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ عورتن جي حقن جو مظاهرو سنواريو

آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ 20 جنوريءَ تي آمريڪا جي 45هين صدر جي حيثيت ۾ پنهنجي عهدي جي سُنهُن يا ساک يا قسم کڻندو. ان کان هڪ ڏينهن پوءِ آمريڪا جي تاريخ ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ سڀني کان وڏو مظاهرو ڪيو ويندو. جنهن ۾ ٻن سئو کان وڌيڪ تنظيمون حصو وٺنديون.[8]

صدر ڊونلڊ کي پنهنجي زبان ضابطي ۾ رکڻ جي صلاح سنواريو

سي آءِ ايَ جي سرواڻ جان برنن صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي صلاح ڏني آهي ته صدر ٿيڻ کانپوءِ کيس ڳالهائڻ وقت ضابطو رکڻو پوندو. [9]

ڊونلڊ ٽرمپ پننهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو سنواريو

20 جنوري 2017ع تي چونڊيل آمريڪي صدر پنهنجي عهدي جو قسم کڻي آمريڪا جو باقاعدي 45هيون صدر ٿي ويو.[10]

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو