ڊنڊي (انگريزي: Dundee) اسڪاٽلينڊ جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون وڏو شھر آھي. ھيءُ شھر ايڊنبرا کان 68 ڪلوميٽر پري فرٿ آف ٽي (Firth of Tay) جي اترئين ڪناري تي آباد آھي[4]. فرٿ آف ٽي اترئين سمنڊ جي ھڪ شاخ آھي جنھن ۾ ٽي ندي (Tay River) ڇوڙ ڪري ٿي. ٽي ندي اسڪاٽلينڊ جي وڏي ۾ وڏي ندي آھي[5]. اسڪاٽلينڊ جي وڏن شھرن گلاسگو ۽ ايڊنبرا کان ڊنڊي وڃڻ لاءِ فرٿ آف ٽي پل ذريعي ڪراس ڪرڻو پوي ٿو. تاريخي طور تي ھي شھر انگوس ڪائونٽي (Angus County) جو حصو آھي[6]. ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ ڊنڊي کي رائل برگ (Royal Burgh) جو درجو ڏنو ويو[7]. پراڻي زماني ۾ هن علائقي جا ماڻھو مڇي ماري پيٽ گذر ڪندا ھئا. ھڪ وڏي عرصي تائين ماھيگيري ھتان جي وڏي صنعت رھي. ھتان جي سمنڊ ۾ وھيل مڇي گھڻي تعداد ۾ موجود رھي آھي. يورپ ۾ آيل صنعتي انقلاب کان پوءِ ھن شھر تيزيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪيون، خاص طور تي ھتي سڻيءَ جي صنعت ۾ وڏي ترقي آئي. ڊنڊيءَ کي ڪوڏاڻي طور ”سڻي، مربي ۽ صحافت“ جو شھر ڪوٺيو وڃي ٿو.

ڊنڊي، اسڪاٽلينڊ
مٿين تصوير: ٽي نديءَ تي ريل جي پل وچ واري تصوير: آرآر ايس ڊسڪوري ٻيڙو ۽ سٽي سينٽر هيٺين تصوير کاٻي پاسي واري: ڊنڊي جو هڪ پارڪ هيٺين تصوير ساڄي پاسي واري: ڊنڊي يونيورسٽي
مٿين تصوير: ٽي نديءَ تي ريل جي پل

وچ واري تصوير: آرآر ايس ڊسڪوري ٻيڙو ۽ سٽي سينٽر هيٺين تصوير کاٻي پاسي واري: ڊنڊي جو هڪ پارڪ

هيٺين تصوير ساڄي پاسي واري: ڊنڊي يونيورسٽي
خود مختيار رياست  گڏيل بادشاھت
ملڪ  اسڪاٽلينڊ
ڪائونسل ايريا ڊنڊي شهر
بنياد پيو 11هين صدي عيسوي
رائل برگ جو درجو مليو 1191
شھر جو درجو مليس 1889
حڪومت
 • مجلس ڊنڊي سٽي ڪائونسل
 • اسڪاٽش پارليمينٽ جا ميمبر (MSPs)
 •  برطانوي پارليامينٽ جا ميمبر (MPs)
پکيڙ[1]
 • ڪل 60 ڪ.م2 (20 ميل2)
بلندي[1] 18 ميل (59 ft)
آبادي (2016)[3]
 • ڪل 148,270
اسڪاٽلينڊ جي نقشي ۾ ڊنڊي جي بيهڪ ڳاڙهي نشان سان ڏيکاريل آهي
ڊنڊي جي هڪ مِل جو منارو

ھي شھر سائنسي تحقيق ۽ کوجنائن جي ڪري برطانيہ ۽ يورپ ۾ سٺي ساک رکي ٿو. ھن ئي شھر ۾ اينٽارڪٽڪ کنڊ ۾ سفر ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ ”آر آر ايس ڊسڪوري“ (RRS Discovery) نالي دنيا جو پھريون سامونڊي ٻيڙو ٺاھيو ويو جنھن ۾ سفر ڪري برطانيہ جي بحري فوج جو آفيسر رابرٽ فيلڪن اسڪاٽ (Robert Falcon Scot) ٻہ ڀيرا ڏکڻ قطب تي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 1980ع واري ڏھاڪي دوران ھتي حياتياتي طب (Biomedical)، مواصلات ۽ ٻين جديد شعبن سان واسطو رکندڙ صنعتون قائم ٿيون. ھي شھر موبائيل ايپس، ڪمپيوٽر واريون رانديون ۽ ڊجيٽل تفريح جي صنعتن ۾ ملڪ اندر مٿاھون مقام رکي ٿو. ھتي ٻہ يونيورسٽيون قائم آھن: يونيورسٽي آف ڊنڊي (University of Dundee) ۽ ايبرٽي يونيورسٽي (Abertay University). ميڊيڪل سائنس، وڊيو گيمن ۽ اھڙن ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ بي بھا تحقيق جي مڃتا طور 2014ع ۾ ھن شھر کي ”يونيسڪو سٽي آف ڊزائن“ (City of Design) جو اعزاز ڏنو ويو. ڊنڊي اھو اعزاز حاصل ڪندڙ برطانيہ جو پھريون شھر آھي.

ھن شھر جو ھڪ دلچسپ پھلو ھيءُ آھي تہ ھتي جي ٻن مشھور فوٽ بال ڪلبن ”ڊنڊي فوٽ بال ڪلب“ ۽ ”ڊنڊي يونائيٽيڊ فوٽ بال ڪلب“ جا ميدان بلڪل ھڪٻئي جي ڀر ۾ ٺھيل آھن.

موجودہ سالن ۾ ھن شھر جي بين الاقوامي شھرت ۾ ڪافي واڌ آئي آھي. 2015ع ۾ جي ڪيو ميگزين ھن شھر کي ”برطانيہ جو سڀ کان وڻندڙ ننڍڙو شھر“ قرار ڏنو. 2018ع ۾ وال اسٽريٽ جنرل ھن شھر کي ” سياحت لاءِ دنيا جو پنجون نمبر بھترين شھر“ قرار ڏنو[8].

تاريخ سنواريو

ڊنڊي لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ انهيءَ باري ۾ پڪ سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته لفظ ڊنڊي ٻن لفظن ”ڊن“ معنيٰ قلعو يا ڪوٽ ۽ ”ڊي“ معنيٰ ”باھ“ مان ٺهيل آهي، يعني اهو شهر جنهن جي ڪوٽ کي باه ڏئي ساڙيو ويو هجي[9]. جيتوڻيڪ ڊنڊي واري علائقي ۾ انساني وسندين جا اھڃاڻ جھوني جُڳ کان ملن ٿا پر ھتي اصل ترقي اسڪاٽلينڊ جي بادشاهه وليم پھرئين جي ڏينھن ۾ آئي. وليم پھرئين ھي علائقو ٻارھين صديءَ ۾ پنھنجي ڀاءُ ڊيوڊ جي حوالي ڪيو. ڊيوڊ جي ڏينھن ۾ ھن وسنديءَ کي ڪافي ترقي ملي ۽ ھن ھڪ ننڍڙي خوشحال شھر جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ھن شھر جي چوڌاري ھڪ ڪوٽ اڏيو ويو. اڳتي ھلي 1191ع ۾ ھن شھر کي ”رايل برگ“ جو درجو مليو[10]. آزاديءَ واري پھرين جنگ دوران انگريزن ڪئين ڀيرا ھن شھر تي قبضو ڪيو، پر 1312ع ڌاري اسڪاٽلينڊ جي بادشاهه رابرٽ دي بروس (Robert the Bruce) ھن شھر کي آزاد ڪرايو ۽ ھي شھر مقامي ماڻھن جي ھٿ ھيٺ آيو. 1547ع ۾ ھن شھر تي انگريزن ٻيھر قبضو ڪيو پر مقامي ماڻھن ھمت نہ ھاري ۽ انگريزن جو جيئڻ جنجال ڪري وڌو. جڏھن انگريزن ڏٺو تہ ھي شھر ھنن جي ھٿن ۾ نہ رھي سگھندو تہ ھنن سڄي شھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. آخرڪار 1651ع ۾ ھن شھر کي باھ ڏئي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو ۽ شھر جي چوڌاري اڏيل ڪوٽ کي ڪيرايو ويو[11]. هتان جي رهواسين جي همت، بهادري ۽ اڻٿڪ محنت سبب وقت سان گڏوگڏ آهستي آهستي هن شهر جون رونقون ٻيهر بحال ٿيون ۽ سک ۽ خوشحاليءَ هتي پنهنجا خيما کوڙيا. ارڙهين صديءَ ۾ هتي ٽيڪسٽائيل جي صنعت وڏي ترقي ڪئي ۽ هتي ڪپڙي جون وڏيون ملون قائم ٿيون.ساڳئي ئي دور ۾ هتي ماهيگيريءَ جي صنعت ۾ انقلاب آيو. صنعتي ترقيءَ سبب هتان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي. 1751ع ۾ هتان جي آبادي 12400 هئي ۽ 1821ع ۾ اها آبادي وڌي 30500 ٿي وئي[12]. ارڙهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ تحقيق ذريعي معلوم ٿيو تھ سڻيءَ جي خشڪ تاندورن کي مڇيءَ جي تيل ۾ ٻوڙي مضبوط ڌاڳو تيار ڪري سگهجي ٿو[13]. انهيءَ دريافت کان پوءِ هتي سڻيءَ جي صنعت ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو ۽ اوڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سڻيءَ جي صنعت هن شهر جي سڀ کان وڏي صنعت بڻجي وئي. تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ صنعتي ترقيءَ سبب هتي وڌي تعداد ۾ ٻاهريان ماڻهو اچي آباد ٿيا، خاص طور تي آئرلينڊ جي ڪافي ماڻهن هتي اچي پنهنجا پکا اڏيا.

ساڳئي ئي دور ۾ هتي ڪيتريون ئي ننڍيون صنعتون قائم ٿيون. مارمليڊ، جام ۽ جيلي جي صنعت به ڪافي ترقي ڪئي. ان سان گڏوگڏ هتي ڇپائيءَ جي ڪم ۾ به انقلابي تبديليون آيون ۽ هتي ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڇپجڻ لڳا. اهوئي سبب آهي جو هيءُ شهر ”سڻي، جام ۽ صحافت“ (Jute, Jam and Journalism) جو شهر سڏجڻ لڳو.

1878ع ۾ ٽي نديءَ تي ريل جي پل اڏي وئي. اڏاوت کان 18 مهينا پوءِ هتي هڪ اندوه ناڪ حادثو پيش آيو. ّطوفاني هوائن ۾ جڏهن هڪ مسافر ريل گاڏي پل مٿان گذري رهي هئي ته پل ٽٽي پئي ۽ 75 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 1906ع هن شهر کي خوفناڪ باه وڪوڙي وئي جنهن ۾ شهر کي ڪافي نقصان رسيو[14].

ڊنڊي جو خوبصورت واٽر فرنٽ

ويهين صديءَ جي شروع ۾ هتان جي سڻيءَ جي صنعت ۾ مندي آئي جنهن ڪري شهر ۾ بيروزگاري وڌي وئي. البت ٻي عالمي جنگ کان پوءِ هتي واچون ۽ خودڪار مشينون ٺاهڻ، مائيڪرو اليڪٽرانڪس، بينڪ مان پئسا ڪڍڻ واريون خودڪار مشينون (Automatic Teller Machines)، بارڪوڊ اسڪينر، سيلف سروس ڪيوسڪ(self service kiosks) ۽ اهڙريون ٻيون صنعتون قائم ٿيون جنهن ڪري معاشي خوشحالي ٻيهر موٽي آئي. تازو هتي هڪ وڏو واٽر فرنٽ پڻ ٺاهيو ويو آهي.

سياسي ۽ انتظامي معاملا سنواريو

ڊنڊي سٽي ڪائونسل جي عمارت (ڊنڊي هائوس)

ڊنڊي اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايراضين مان هڪ آهي. هن ڪائونسل جو انتظام 29 چونڊيل ڪائونسلر هلائين ٿا. ڪائونسل جي سرواڻ کي لارڊ پرو ووسٽ ڪوٺيو وڃي ٿو. برطانيه جي پارليامينٽ ۾ ڊنڊيءَ جون ٻه سيٽون آهن، جڏهن ته اسڪاٽلينڊ سرڪار ۾ ڊنڊي کي ٽي سيٽون مليل آهن. يورپي پارليامينٽ ۾ ڊنڊي سميت اسڪاٽلينڊ جون ست سيٽون آهن.

2014ع ۾ سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ هڪ ريفرينڊم ٿيو جنهن جو مقضد هيءُ هو ته ڇا اسڪاٽلينڊ کي برطانيه کان آزادي وٺڻ گهرجي؟ ڊنڊي جي ڪل 78.8% ماڻهن هن ريفرينڊم ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪيو، جن مان 57.3% ”ها“ کي ووٽ ڏنو[15]، يعني ”جي ها، برطانيه کان آزادي وٺڻ گهرجي“.

تعليم سنواريو

ڊنڊي شهر ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن جن ۾ لڳڀڳ 20000 شاگرد علم جي اڃ اجهائين ٿا. ڊنڊي يونيورسٽي 1967ع ۾ قائم ٿي. ان کان اڳ اها هڪ ڪاليج طور ڪم ڪندي هئي. هيءَ يونيورسٽي جيا طب (Biomedical) انجنيئرنگ، حياتياتي سائنس، ميڊيڪل، آرٽ ۽ ڊزائين ۽ ٻين شعبن ۾ سکيا ۽ کوجنا جا موقعا فراهم ڪري ٿي[16].

ايبرٽي يونيورسٽي، ڊنڊي

1888ع ۾ هتي ”ڊنڊي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو ويو. انهيءَ کي 1994ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. هن اداري کي اڄڪلھ ”ايبرٽي يونيورسٽي“ (Abertay University) ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءَ يونيورسٽي خاص طور تي ڪمپيوٽر سائنس، هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence) ۽ ڪمپيوٽر گيمس جهڙن شعبن ۾ مشهور آهي[17].

هاءِ اسڪول آف ڊنڊي (ڊنڊي جو تاريخي اسڪول)

هتي ڪيترائي ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ ”ڊنڊي ۽ انگوس ڪاليج“ (Dundee and Angus College) ۽ ”المقطوم ڪاليج آف هاير ايڊيوڪيشن“ ( Al-Maktoum College of Higher Education) خاص ذڪر جي لائق آهن. المقطوم ڪاليج ۾ اسلام، مسلمانن جي ثقافت ۽ تهذيب ۽ اسلامي معاشي نظام بابت تعليم ڏني وڃي ٿي. هن شهر ۾ 37 پرائمري ۽ 8 سيڪنڊري اسٽيٽ اسڪول کوليا ويا آهن. انهن مان 11 پرائمري ۽ ٻه سيڪنڊري اسڪول رومن ڪيٿولڪ فرقي سان واسطو رکندڙ ٻارن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن پر انهن ۾ ٻين فرقن سان واسطو رکندڙ ٻار به پڙهي سگهن ٿا. انهن اسڪولن کان علاوھ ”هاءِ اسڪول آف ڊنڊي“ (High School of Dundee) هتان جو سڀ کان پراڻو ۽ تاريخي اسڪول آهي. هي اسڪول تيرهين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن اسڪول ۾ شهر جي ڪيترين ئي نالي وارين شخصيتن علم پرايو. مورگن اڪيڊمي (Morgan Academy) به هتان جو تاريخي اسڪول آهي جيڪو 1863ع ۾ قائم ٿيو.

مذهب سنواريو

ڊنڊي جي مرڪزي جامع مسجد

هتان جا اڪثر ماڻهو عيسائي مذهب جا پيروڪار آهن، ان ڪري هتي ڪيترائي گرجا گهر (Churches) موجود آهن. انهن مان ڪي گرجا گهر ته صديون پراڻا آهن ۽ انهن جي اڏاوت ڏسڻ وٽان آهي. هتي عيسائيت جي سڀني فرقن سان واسطو رکندڙ گرجا گهر موجود آهن.

مسلمانن لاءِ ڊنڊي جي مرڪزي مسجد 2000ع ۾ جڙي راس ٿي. ان کان علاوھ ٽي ٻيون مسجدون ”تاجدارِ مدينه مسجد“، ”مسجد بلال“ ۽ ”ال مقطوم مسجد“ پڻ مسلمانن جي عبادت لاءِ تعمير ڪيون ويون آهن. ڊنڊي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ اسلامي سوسائٽي به قائم ٿيل آهي.

سکن جو ”گرونانڪ گوردوارو“، هندن جو مندر، ٻڌ مذهب جي عبادت گاه ۽ يهودين جي عبادت جون جايون به هن شهر جو حصو آهن.

رانديون سنواريو

فوٽبال هتان جي سڀ کان مشهور راند آهي. هتي ٻه فوٽ بال ڪلب آهن: ”ڊنڊي فوٽ بال ڪلب“ جو بنياد 1883ع ۾ پيو، جڏهن ته ”ڊنڊي يونائيٽيڊ فوٽبال ڪلب“ جو قيام 1909ع ۾ عمل ۾ آيو. هنن ڪلبن جا گرائونڊ هڪٻئي کان فقط 100 ميٽر پري آهن. برطانيه جي ٻئي ڪنهن به شهر ۾ فوٽبال جا ميدان ايترو ويجهو ناهن.

آئيس هاڪي به هتان جي پسنديده راندين ۾ شمار ٿئي ٿي. هتان جي آئيس هاڪي ٽيم کي ”ڊنڊي اسٽارس“ (Dundee Stars) ڪوٺيو وڃي ٿو. هن شهر ۾ رگبي يونين جون ڇھ ٽيمون آهن. هينڊبال ۽ ٻيون رانديون به کيڏيون وڃن ٿيون.

سڀيتا سنواريو

جبلن جي لاهين ۽ چاڙهين تي ٻڌل هي شهر نه فقط قدرتي نظارن ۽ فطرتي سونهن سان مالامال آهي پر ان سان گڏوگڏ تهذيب ۽ ثقافت جو به گهوارو آهي. هتي ڪيترائي عجائب گهر ۽ آرٽ گيلريون آهن جيڪي هتان جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن ۽رهڻي ڪرڻي جو چٽو عڪس پيش ڪن ٿيون.

هتان جو ”سينزيشنل سائنس سينٽر“ (Sensational Science Centre) هن شهر جي صنعتي تاريخ جي تصوير پيش ڪري ٿو. هتي هر سال نومبر ۾ جابلو علائقن جي ثقافت ۽ رهڻي ڪرڻي متعلق ميلو لڳي ٿو. هن شهر ۾ هر سال ڊيڄاريندڙ فلمن (Horror movies) جو ميلو پڻ لڳي ٿو. هتان جا ماڻهو موسيقي، ناچ گاني ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا به شوقين آهن.

هتي مشهور اشاعتي اداري ”ڊي سي ٿامسن ۽ سن لميٽيڊ“ (DC Thomson & Son Ltd) جون مرڪزي آفيسون 1905ع کان ڪم ڪري رهيون آهن. هن اداري پاران هر سال اٽڪل 200 ملين رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا. هتي بي بي سي اسڪاٽلينڊ ۽ ايس ٽي وي نارٿ جا ٽيليويزن سينٽر پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. هتي انٽرنيٽ تي هلندڙ هڪ مقامي ٽيليويزن اسٽيشن 1 سيپٽمبر 2009ع کان قائم ٿيل آهي. هتي ٽي ريڊيو اسٽيشنون پنهنجا پروگرام نشر ڪن ٿيون.

ڊنڊي ادبي سرگرمين جي حوالي سان اسڪاٽلينڊ ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. هي شهر اسڪاٽلينڊ جي ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن ۽ اديبن جي جنم ڀومي آهي. انهن ليکڪن ۾ اي ايل ڪينيڊي (A.L. Kennedy)، ڪيٽ ايٽڪنسن (Kate Atkinson)، ٿامس ڊڪ (Thomas Dick)، جان برنسائيڊ (John Burnside) ۽ نيل فورسائيٿ (Neil Forsyth) قابل ذڪر آهن. ڊنڊي ۾ نون ليکڪن لاءِ بين القوامي ڪتابي ميلو منعقد ٿئي ٿو. کٽيندڙ کي 10000 پائونڊ نقد انعام ڏنو وڃي ٿو ۽ ان جو ڪتاب ڇپرايو وڃي ٿو.

ڊنڊي جي سڀ کان پراڻي عمارت: سينٽ ميري ٽاور

ڊنڊي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون موجود آهن. هتان جي سڀ کان جهوني عمارت سينٽ ميري ٽاور“ آهي جنهن جي تعمير پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. جيتوڻيڪ هتي جون اڪثر پراڻيون عمارتون هن شهر کي لڳل خطرناڪ باھ ۾ سڙي ويون پر سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيل ڪجهه گرجا گهر هن شهر جي فن تعمير جو عمدو نمونو پيش ڪن ٿا.

ڊنڊي شهر جي هيءَ به خصوصيت آهي ته هتي هڪ کان وڌيڪ قلعا موجود آهن. مينس ڪيسل (Mains Castle)سال 1562ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو. ڊوڊهوپ قلعو (Dudhope Castle) سورهين صديءَ جي ياد تازي ڪري ٿو. ڪلي پورٽس قلعو (Claypotts Castle) سال 1569ع کان 1588ع دوران تعمير ٿيو. براٽي قلعو (Broghty Castle) سال 1495ع کان 1932ع تائين شهر جي ڍال طور استعمال ٿيو. سورهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل پائوري قلعي (Powrie Castle) جا کنڊر به هن شهر ۾ موجود آهن.

آدمشماري ۽ پکيڙ سنواريو

2016ع ۾ ڪيل آدمشماريءَ مطابق هن شهر جي آدمشماري 148270 آهي[18]. ڊنڊي شهر جي ڪل پکيڙ تقريباََ 60 ڇورس ڪلوميٽر (20 ميل) آهي. انهيءَ جو مطلب هي آهي ته شهري سرحدن اندر هر چورس ڪلوميٽر جي ايراضيءَ ۾ 2478 ماڻهو رهن ٿا. ِياد رهي ته 1971ع ۾ هن شهر جي آبادي 180000 هئي. موجودھ رهواسين مان %94 ماڻهن جي پيدائش برطانيه ۾ ٿي. انهن مان %87 ماڻهو اسڪاٽلينڊ ۾ ڄاوا. سڀ کان وڏو تعداد 30 کان 44 سال ڄمار وارن ماڻهن جو آهي جيڪو ڪل آباديءَ جو %20 آهي. ڊنڊي ۽ ان جي آسپاس جي رهواسين کي ڊنڊونين (Dandonian) ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي اطالوي ۽ ايشيائي لوڪن جو به چڱو موچارو تعداد آباد آهي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Population Matters" (PDF). Dundee City Council. وقت 12 June 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 July 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "UNITED KINGDOM: Agglomerations". citypopulation.de. وقت 3 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 December 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Mid-Year Population Estimates – Scotland 2016" (PDF). National Records of Scotland. وقت 28 April 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 April 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Dundee | History, Facts, & Points of Interest". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-24. 
  5. مختيار علي انڙ: اسڪاٽلينڊ جا ڏينهن ۽ راتيون، پروگرام سڳنڌ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، 20 سيپٽمبر 2001ع.
  6. "FDCA - Maritime - Iain Flett". www.fdca.org.uk. حاصل ڪيل 2020-01-02. 
  7. "Dundee" (en ۾). Wikipedia. 2020-01-04. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Dundee&oldid=934829813. 
  8. "'Coolest' city named on top tourism list" (en-GB ۾). 2017-10-26. https://www.bbc.com/news/uk-scotland-tayside-central-41761399. 
  9. L., E.; Watson, William J. (1927-08). "The History of the Celtic Place-Names of Scotland". The Geographical Journal 70 (2): 170. doi:10.2307/1782183. ISSN 0016-7398. http://dx.doi.org/10.2307/1782183. 
  10. https://www.scotlandinfo.eu/city-of-dundee/
  11. Mackie, Charles (1836) (en ۾). Historical description of the town of Dundee. https://books.google.com.pk/books?id=VN8HAAAAQAAJ&redir_esc=y&hl=en. 
  12. Treble, James H. (1988-05). "T.C. SMOUT, A Century of the Scottish People 1830-1950 (London, Collins, 1986, pp. xiv and 318, £15.00).". Scottish Economic & Social History 8 (1): 109–112. doi:10.3366/sesh.1988.8.8.109a. ISSN 0269-5030. http://dx.doi.org/10.3366/sesh.1988.8.8.109a. 
  13. "Dundee | History, Facts, & Points of Interest". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-01-05. 
  14. Lewis, Peter Rhys (2004), Beautiful Railway Bridge of the Silvery Tay: reinvestigating the Tay Bridge disaster of 1879, Stroud: Tempus
  15. "Scottish Independence. | Alex Salmond: ‘Dundee is Scotland’s Yes city’". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  16. Dundee, University of. "University of Dundee". University of Dundee. حاصل ڪيل 2020-01-03. 
  17. "Home". Abertay. حاصل ڪيل 2020-01-03. 
  18. worldpopulationreview.com http://worldpopulationreview.com/world-cities/dundee-population/. حاصل ڪيل 2020-01-11.  Missing or empty |title= (مدد)