ڪمپيوٽر نيٽورڪنگ ۾، ڊائونلوڊ، (انگريزي: Download مخفف: DL) ڏوراهين ڪمپيوٽر مان مواد حاصل ڪرڻ کي چئجي ٿو. اهو ڏورانهون ڪمپيوٽر ڪو ويب سرور[1] هجي يا ايف ٽي پي سرور يا اي ميل سرور.

ڊائونلوڊ جي نشاني

ڊائونلوڊ جو ضد اپلوڊ (انگريزي: UPload مخفف: UL) هوندو آهي، جنهن ۾ مواد حاصل ڪرڻ بجاءِ مواد کي ڏوراهين ڪمپيوٽر ڏي موڪليو ويندو آهي.

تشريح سنواريو

ڊائونلوڊ مان مراد آهي ڪنهن ڏوراهين ڪمپيوٽر مان ڪو مواد حاصل ڪري، پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪجي ۽ بعد ۾ ان کي استعمال ڪجي. ڊائونلوڊ ۽ مواد جي منتقلي (انگريزي: Data Transfer) ٻه لڳ اصطلاح آهن، مواد جي منتقلي مان مراد آهي ته ٻن ڪمپيوٽرن يا سمارٽ فون مان مواد کي منتقل ڪجي، جڏهن ته ڊائونلوڊ مان مراد،اهو مواد آهي جيڪو انٽرنيٽ وسيلي حاصل ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو