ڊائري (Diary)، لغوي معنيٰ موجب ڊائري هڪ اهڙي ڪاپي، نوٽبڪ يا چوپڙي آهي، جنهن ۾ روز بروز ڪيل ڪمن ڪارين جو ليکو رکيو وڃي ٿو. ڊائريءَ لاءِ سنڌيءَ ۾ ’روزنامچو‘ مناسب لفظ آهي، جيڪو ڊائريءَ جي مٿينءَ خصوصيت کي ظاهر ڪري ٿو. ڊائريءَ ۾ عام طور تازن آزمودن تي لکيو ويندو آهي يا اهو به ممڪن آهي ته ڪڏهن ڪڏهن گهڻو اڳ ٿيل وارداتن يا مليل آزمودن تي وري نظر ثاني ڪئي وڃي. ليڪن آتم ڪٿا ۾ سڄي ماضيءَ تي نسبتي طور وڌيڪ بلوغت ۽ گنڀيرتا جي گنجائش آهي. ڊائريءَ ۾ انفراديت هوندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.