ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو پهريون مهينو آهي،[1] [2]جيڪو ڦڳڻ ۽ ويساک جي وچ ۾ آهي.

14 مارچ کان 13 اپريل تائين هوندو آهي. چيٽ 30 ڏينھن جو مهينو آهي ۽ واڌو سال (ڇلانگي سال Leap Year) ۾ 31 ڏينهن جو ٿيندو آهي.

سنڌ ۾ ربيع جو فصل جيڪي آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پوکجن ٿا چيٽ جي مهيني ۾ لهن ٿا.

چيٽ جا ٻيا نالا سنواريو

  1. چَئِتو
  2. چَيِتّي
  3. چَيترَ

نئي سنبت / سال جي شروعات چيٽ ۾ سنواريو

چيٽ مهيني جي پهرين هميشه 14 مارچ تي ٿيندي آهي.

جوتشي گيان سنواريو

جوتشي گيان موجب، هن مهيني جي موسم تي گهڻو ڪري اشوني ۽ ڀرڻي نکٽن جا اثر رهندا آهن .

چيٽ بابت چوڻيون سنواريو

  • چيٽ ڪَتي هڪ جهڙو هجڻ

مطلب؛ سدائين هڪ جهڙو حال هجڻ يا سدائين هڪ جهڙو سڀاءُ هجڻ.

  • چيٽ جي کاهي، ڪَتيءَ جو خرار

مطلب؛ چيٽ جو فصل صرف پيٽ جي پالڻ لاءِ آهي باقي ڪتي جو جام ٿيندو آهي. خرار اناج جو هڪ ماپو آهي جيڪو

  • چيٽ آهي پيٽ

مطلب؛ هارين کي جڏهن چيٽ جي فصل بچت نه ٿئي ته ائين چوندا آهن، ته چيٽ مان رڳو پيٽ پالي سگھجي ٿو، باقي بچت ڪا نه ٿيندي.

چيٽي چنڊ ۽ سنڌ ۾ هندن جا ميلا سنواريو

  • سنڌي هندو چيٽ جي پهرين تاريخ تي اُڏيري لعل (جھولي لال) جو ڄمڻ ڏينهن طور مهلائيندا آهن. اڏيرو لال نصرپور جي رتنراءِ لوهاڻي جي گهر ۾، چيٽي چنڊ، 1007 سنبت ۾ ڄائو هو. اڏيري لال جا هزارين مڃيندڙ اڄ به سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، جيڪي هرسال چيٽي چنڊ ملهائيندا آهن. چيٽي چنڊ جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ به اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ اڏيري لال جا ”پنجڙا“ ڳائيندا آهن ۽ بهراڻا ڪڍندا آهن. ڀارت ۾ اڏيري لال جو ڏِڻ ”سنڌيت“ جو خاص اهڃاڻ آهي.[1] هن بزرگ کي ”جهولي لال“ ۽ ”پلي وارو پير“ چوندا آهن.
    • پير پٿورو صاحب جو وڏو ميلو چيٽي چنڊ جي ڏينهن تي لڳندو آهي.
  • هرداس ڀڳت ۽ نرسنگهه ڀڳت جا ميلا، مٺي شهر ۾ چيٽي چنڊ جي ڏينهن تي تي ٿيندا آهن.
  • سامي ڌيان گهر مهراج جو ميلو، ڳوٺ ٿاڻو بولا خان، تعلقوڪوٽڙي. 14-15 چيٽ تي ٿيندو آهي.
  • امر لعل ٻارهو ڄاٽ جو ميلو. اڏيرو لعل تعلقو ٽنڊوالهيار. 1-2-3 چيٽ ۽ 30 ڦڳڻ تي ٿيندو آهي.
  • امر ڀڳت ڪنورام جو ميلو، ڳوٺ رهڙڪي، تعلقو ميرپور ماٿيلو. 28-29-30 چيٽ تي ٿيندو آهي.
  • نانگن جو ميلو، ڳوٺ نبي سر روڊ، تعلقو عمرڪوٽ، 12-13چيٽ مهيني ۾ ٿيندو آهي.
  • پاڪ سنگهار (ٽنڊي الهيار شهر کان پنج ميل اوڀر) جو ميلو هر سال چيٽ جي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي.
  • سنت لوڙنگ ڏيو:( ٻارمتي پنٿ جي باني ) بدين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي سانوڻ ۾ چيٽ مهيني جي چوٿين تٿ (تاريخ) تي مهيشوري ميگهواڙن جا قافلا هن سنت جي ياترا لاءِ سندس علامتي سماڌيءَ تي ويندا آهن.

چيٽ جا نوراتا سنواريو

  • چيٽ جي پهرئين کان نائين تاريخ تائين هندو دُرگا ديويءَ جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ورت (اُپواس) رکندا آهن.[3][1]
  • چيٽ جي پھرين نون ڏينھن ۾ ڀواني ديويءَ کي راضي رکڻ ۽ پوڄا لاءِ ورت رکيو ويندو ھو، جنھن کي ”ڀوانيءَ جا ايڪھڻا“ چوندا آھن.

رام نوامي سنواريو

هندن جو مذهبي ڏينهن، جيڪو چيٽ مهيني جي نائين ڏينهن تي، هندن جي ڀڳوان شري رامچندر جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سنڌ توڙي هندستان ۾ ملهايو ويندو آهي.

سنڌي شاعري ۾ سنواريو

  • آيو مھينو چيٽ جو، آرس جو ڇڏ انگ،

توسان ويريءَ جو وڏو، آهي ضرور زنگ،

کڻ ڪھاڙيون ڪوڏريون، وڍ جودئون جهنگ،

تون دڙا دِڪيون، دڙي ڪڍج دنگ،

پرور! پيو ننگ، آهي آدم تو مٿي.

چانڊوڪيء جي چيٽ ۾ نُور ڀري نيراڻ

آيو پري پاڻ چمڪيا چنڊ زمين تي. شيخ اياز

سنڌي لوڪ ڏاهپ ۾ سنواريو

چيٽ اڍائي ڏينھن، ڪُڏي ٻڪرار سنواريو

مطلب؛ ٻڪرارن جون ٻڪريون هڪ ته سياري جي پارن ۾ پاهه ٿيل هونديون آهن ۽ سيءَ جي ڪارڻ وَڻن ٽڻن ۽ گاهه پٺي جي سُڪي وڃڻ ڪري بُکن وگهي هيڻيون ٿيل هونديون آهن، سي وري ساهه پٽي سگهاريون ٿي پونديون آهن ۽ ٻڪرار جو مـُک به پيو ٻھڪندو.

جي مينھن وسي چيٽ، ته اَنُ نه ماپي کيٽ سنواريو

مطلب؛ ڪڻڪون سنگ جهليون پيون جهولنديون آهن. جي اُن مُند ۾ پئي برسات ته اَن جو داڻو ٿلھو ۽ وِتَ وارو ٿيندو ۽ فصل سٺو لھندو. ان کانسواءِ برسات جي ڪري زمينن کي قدرتي نموني نائٽروجن ۽ ٻيون ڪيميا حاصل ٿين ٿيون. ڪيترا جيت جڻيا به مرن ٿا، جيڪي کيتن لاءِ هاڃيڪار ۽ بيمارين جو ڪارڻ هوندا آهن. چيٽ جي برسات سبب، جوئر ۽ ٻاجهر به جام پوکبي آهي. ان ڪري چيٽ جي برسات کي اَڻ مَئي اَنَ جو اهڃاڻ ڪري ڪوٺيو اٿن.

سنڌي ادب ۽ لوڪ گيتن ۾ چيٽ سنواريو

  • چانڊوڪيون ۽ چيٽ- هي ڪتاب محترم عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب آهي.[4]
  • چيٽ چئي ويو ايندس مان پر ڪَتي به گذري وئي- سرمد سنڌي- گيت[5]
  • ڪتيون ڪئي ياد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين- سرمد سنڌي- گيت[6]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "چيٽ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  2. "چيٽ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  3. "چيٽ جا نوراتا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2018-12-31. 
  4. "چانڊوڪيون ۽ چيٽ (عبدالواحد آريسر)". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2018-12-31. 
  5. Inam Jamali, Chet mein Chae wiyo ---- Sarmad Sindhi, حاصل ڪيل 2018-12-31 
  6. ASIF ABRO, SARMAD SINDHI - CHANGO CHETAN MAIN MILANDA SEEN, حاصل ڪيل 2018-12-31