چيتو ٻلي جي نسل سان تعلق رکندڙ جانور آهي. شڪار ڪرڻ وقت هن جو گهڻو ڌيان رفتار تي هوندو آهي جيڪا 120 ڪلوميٽر ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي. چيتو 0 کان 100 ڪلوميٽر جي رفتار صرف 3.5 سيڪنڊن ۾ حاصل ڪري سگهي ٿو.

طب سنواريو

نالا: ع. نمر، ف. پلنگ، هه. وغيره___ چيتا، ڪيلان، پارس ۽ تيندو. اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: چيلهه جو سور، ميل: سؤنف رومي، عيوض: بنفشه ۽ صندل، وزن: ٽي ماسا. سڃاڻپ: شينهن جي نموني تي ڪتي کان وڏو هڪ جانور، جنهن جي هيڊي کل تي اڇا ڪارا ٽڪا ٿيندا آهن. بلڪل زوردار جانور آهي. خاصيت: هن جي چرٻي ڪٺ ۽ زيتون جي تيل ۾ ملائي تيار ڪجي، اها چرٻي سنڌن جي سور، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ تي مالش سان فائدو ٿيندو. هن جو رت چٽي ۽ ڪوڙهه وارن هنڌن تي لائجي ته اهي داغ لهن. هن جو پتو زهر آهي. هن جي کل مان گادي جوڙائي اُن تي وهڻ سان، بواسير جي رت، نانگ، وڇون ۽ آسيب کان امن ۾ رهبو. هن جو پيشاب ۽ مغز جي مک ملائي آلت تي ليپ ڪجي ته قوت باهه ۽ آلت جي سستيءَ لاءِ مجرب آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو