چونڪ (Quatrain) جي لفظي معنيٰ آهي، ”چئن جو ميڙ“؛ يعني اُها جاءِ، جتي چار شيون اچي پاڻ ۾ گڏ ٿين يا اُهو هنڌ، جتي چئني طرفن کان رستا يا واٽون اچي هڪ ٻئي سان ملن. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”چونڪ“ هڪ شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ چار هم وزن سٽون گڏ ٿين ٿيون. اُنهن مان پهرين ۽ چوٿين سٽ جو قافيو هڪ جهڙو ٿيندو آهي ۽ باقي وچ واريون ٻه سٽون (ٻي ۽ ٽين سٽ) قافيي کان بلڪل آزاد هونديون آهن. چونڪ جي شروعات سنڌ ۽ هند جي شاعريءَ ۾ ٿيل محسوس ٿئي ٿي. سنڌي شاعرن به هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. چونڪ ۾ اڪثر تشبيهي ۽ اخلاقي مضمون پيش ڪيا وڃن ٿا:[1]

ٻٻر ڪڏهن ڪو ٻير ڏئي ٿو!
سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا هن.
هر ڪو پنهنجو بڻ ٿو ساري،
ڌاريو پنهنجو ٿي نه سگهي ٿو.
(مير محمد پيرزادو)

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي