چنڊ گرهڻ(انگريزي: Lunar Eclipse) تڏھن ٿيندو آهي جڏهن چنڊ ڌرتي جي بلڪل پٺيان گذرندو آھي ۽ ڌرتي سج ۽ چنڊ جي بلڪل وچ ۾ اچي ويندي آهي جنھن سان زمين جو پاڇو چنڊ تي پوندو آھي[1]. جڏھن زمين سج جي اس کي چنڊ تي پھچڻ کان مڪمل روڪيندي آهي تہ اھو مڪمل چنڊ گرھڻ سڏبو آهي. ان وقت رڳو ڌرتي تي ڪرندڙ اس جي روشني چنڊ تي منعڪس ٿيندي آهي ۽ چنڊ تي اھڙي ڳاڙھاڻ نظر ايندي آهي جيئين زمين تي سج اڀرڻ يا سج لھڻ وقت نظر ايندي آهي.

مڪمل چنڊ گرهڻ جنھن ۾ زمين جي ڪري چنڊ طرف ويندڙ اس رڪجڻ بعد زميني جي گولي تي ڪرندڙ اس چنڊ تي منعطف ٿيندي ڳاڙھاڻ جي صورت ۾ ڏيکاريل
برطانيا جي شھر گلاسيسٽر شائر ۾ جولاء 2019 ۾ جزوي چنڊ گرھڻ جا پويان منظر
ڊائگرام جي صورت ۾ چنڊ گرهڻ وقت سج ۽ زمين جي مخصوص بيھڪ سان چنڊ جي مختلف بيھڪن تي زمين جا ڪرندڙ پاڇا جيڪي جزوي ۽ مڪمل چنڊ گرھڻن کي ظاھر ڪن ٿا.

مڪمل چنڊ گرھڻ ۾ ان ڳاڙھاڻ جي ڪري انگريزي ۾ ان کي بلڊ مون (Blood Moon) يا قرمزي چنڊ پڻ چوندا آهن. سج گرھڻ زمين تي ڪن خاص ھنڌن کان چند منٽن تائين مس نظر ايندو آهي، ان جي برعڪس چنڊ گرھڻ زمين جي رات واري پاسي کان ھر ھنڌ ٻن ڪلاڪن تائين نظر ايندو آهي. چنڊ گرهڻ ڏسڻ ۾ اکين کي نقصان نہ ٿيندو آهي ۽ سج گرھڻ وانگر ان کي ڏسڻ لاء ڪنھن اک جي بچاء واري اوزار جي ضرورت نہ پوندي آهي.

چنڊ گرھڻ سان چنڊ تي ڳاڙھاڻ ٺھڻ جو منظر

حوالا سنواريو

  1. McClure, Bruce. "Century's Longest Lunar Eclipse July 27". EarthSky. حاصل ڪيل August 1, 2018.