چندن (نالا: ع. صندل ابيض، ف. صندل سفيد، هه. وغيره___ رڪت، چندن، ملاگير ۽ چنن.)

طب سنواريو

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: قوت باهه کي، ميل: ماکيءَ ۽ کؤنر، عيوض: صندل ڳاڙهو، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: مشهور خوشبودار ڪاٺي آهي. هن جو ٻورو ڪم ايندو آهي.

'خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. جگر ۽ معدي کي تقويت ڏئي ٿو، گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي، پيشانيءَ تي رکڻ سان مٿي جي سور، دماغ جي گرميءَ ۽ بخارن کي هيٺ لاهيندو. هن جو شربت رت صفا ڪرڻ، ماليخوليا، خفقان، دل هول، معدي جي سوزش ۽ صفراوي دستن ۾ مفيد آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007؛ع پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.