چاغي ضلعو
District Chagai

ملڪ: پاڪستان
صوبو: بلوچستان
ضلعي گاديء جو ھنڌ: چاغي
ايراضي: 50,545 چورس ڪلوميٽر
تعلقا: 4
آبادي: 250,000
ٻولي: بلوچي

چاغي بلوچستان جو ضلعو ۽ ضلعي هيڊڪواٽر آهي. هي ضلعو پاڪستان جي چئني صوبن ۾ وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 50545 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته 2005ع جي آدمشماري موجب هتان جي آبادي 250000 ماڻهن تي مشتمل آهي.

شهرت سنواريو

هن ضلعي جي سرحد افغانستان ۽ ايران ملڪن سان لڳي ٿي. هن ضلعي ۾ نوشڪي دالبدن ۽ نوڪنڊي تعلقا آهن. 1998ع ۾ پاڪستان طرفان هن ضلعي ۾ موجود راس ڪوهه جي ٽڪرين ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ويو، جنهنڪري هيءُ ضلعو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. هن ڌماڪي سبب آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن پاڪستان تي معاشي پابنديون مڙهيون. ان کان اڳ 1985ع ۾ نوشڪي تعلقي کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. چاغي جابلو علائقو آهي.

ائٽمي تجربو سنواريو

نواز شريف جي حڪومت دوران 28 مئي 1998ع تي هتي’پاڪستان ائٽمڪ انرجي ڪميشن ‘طرفان ائٽمي ڌماڪو ڪيو ويو. ڌماڪي لاءِ هن علائقي کي مشهور سائنسدانن اشفاق احمد، منير احمد ۽ ڊاڪٽر احسان مبارڪ چونڊيو. بروهي، بلوچ ۽ ڪجهه افغان قبيلا هتان جا اصل رهواسي آهن. هتي عرب به آباد رهيا آهن. جنهن جي شاهدي پرگ ۽ زراله شهرن جي آسپاس مقبرن جا تباهه ٿيل آثار ڏين ٿا. گزيٽئر بلوچستان جي ليکڪ موجب: هتي سيد به رهندا هئا، جن کي سنجراڻي بلوچن لوڌي ڪڍيو. نوشڪيءَ جي مشرقي حصي ۾ اوائلي باشندا مانڊئي آباد هئا، جن کانپوءِ رخشان بلوچ هتي سرداري نظام قائم ڪيو، جيئن اڄڪلهه سڄي بلوچستان ۾ آهي.

قبيلا سنواريو

هتي رهندڙ قبيلن ۾ رخشاني، باديني رخشاني، حمالدني رخشاني، ماندئي، ذگر مينگل، مهه حسني، سنجراڻي، سارات، بزيچ، لانگو، لوهڙي ۽ ڪجهه هندو ذاتيون آباد آهن. هتان جي ماڻهن جو ڌنڌو هارپو زمينداري ۽ واپار آهي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو