ڍاٽڪي ٻولي

هند-يورپي ٻولي خاندان جي هند-آريائي شاخ جي راجسٿاني ٻولين مان هڪ آهي
(ٿريلي ٻولي کان چوريل)

ٿريلي ٻولي سنڌ جي اڀرندي طرف وارو ضلعو ٿرپارڪر ٻن علائقن تي مشتمل آهي. هڪ ”پٽ“ يا اڀرندي ناري وارو ميدان ۽ ٻيو ٿر يا ريگستان. ٿر جي ڏکڻ اوڀر ۾ پارڪر جو علائقو آهي، جيڪو ٿر کان ائين مختلف آهي، جو ان ۾ واريءَ جي ڀٽن بدران پٿر جون ٽڪريون آهن. پارڪر جي بنهه ڏکڻ اوڀر پاسي گجراتي ٻولي هلندي آهي، پر سموري ٿر ۾ اهو سنڌيءَ جو ”ٿريلي“ يا ”ٿريچي“ لهجو ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن جي هڪ محاوري کي راجپوتانا پاسي وري”ڍاٽڪي“ چوندا آهن. راجپوتانا ۾ لفظ ”ڍاٽ“ جي معنيٰ آهي ريگستان ۽ اهو خاص طور ٿر ۽ ان سان دنگئي راجپوتانا جي رياست جيسلمير واري ريگستاني خطي لاءِ ڪم اچي ٿو. [3]

Dhatki
Native to Pakistan and India (Marwar region of Rajasthan and Thar region of Sindh)(sociolect)
Native speakers
150,000 (2000)[1]
en:Line-handling templates
Language codes
ISO 639-3 mki
Glottolog dhat1238[2]
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters.

مارواڙي سنواريو

ٿر ڏي سنڌي ٻولي راجسٿاني (مارواڙي وغيره) سان وڃي گڏي آهي. خود مارواڙ ۾ ڪيترا سنڌي به ڳالهائين، ته مارواڙي به ڳالهائين. ائين سنڌيءَ جا ڪيترا لفظ مارواڙيءَ ۾ ۽ مارواڙيءَ جا سنڌي ۾ اچي ويا آهن. انهيءَ هوندي به هن پاسي سنڌي ٻولي پنهنجو پاڻ جهلي بيٺي آهي ۽ ڦري مارواڙي ڪين ٿي آهي.[4]

تبديليون سنواريو

جيسلمير ۽ سمکيا پرڳڻي ۾ به هن خطي جي ٻولي، سنڌي ۽ جيسلمير (Jaisalmer) ۾ ڳالهائي ويندڙ مارواڙيءَ (Maarwaarri) جو ميلاپ آهي. جيسلمير واري راجپوتانا رياست جي ڏکڻ ۾ ٿر ۽ پارڪر جي اوڀر ۾، راجپوتانا اندر مارواڙ رياست جو ”ملني خطو“ اچي ٿو. ملنيءَ جي مکيه ٻولي مارواڙي آهي، پر ان جي ۽ ٿر ۽ پارڪر جي وچ واري سرحد سان لاڳو هڪ سوڙهو پٽو اهڙو آهي، جتي جي ٻوليءَ کي مارواڙي ماڻهو سنڌي چوندا آهن. اهو سنڌي ۽ مارواڙيءَ جو گاڏڙ لهجو آهي، جيڪو سموريءَ سرحد سان لاڳو علائقي کان ويندي جيسلمير واري ڍاٽ تائين ڳالهائجي ٿو. ان پٽي ۽ ڍاٽ جي اوڀر ۾ اهو ريگستان يڪو هلندو وڃي راجپوتانا جي وچ ۾ پوي ٿو، جتي پهرين ٻولي جيڪا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، سا آهي راجستانيءَ جي مارواڙي لهجي جي هڪ صورت ”ٿلي“. مجموعي طرح ٿر، پارڪر ۽ جيسلمير جي ڍاٽ ۾ ڳالهائڻ جا مختلف محاورا ملن ٿا، جيڪي سمورا سنڌي ۽ مارواڙيءَ جي ملاوت جو نتيجو آهن، جن کي سنڌيءَ يا مارواڙي جا لهجا چئي سگھجي ٿو. ڪي ماڻهو انهن کي ڌار ٻوليون به قرار ڏين ٿا، پر اهڙي دعويٰ بنا تحقيق جي قابل قبول نٿي ٿي سگهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. Dhatki at Ethnologue (18th ed., 2015)
  2. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Dhatki". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/dhat1238. 
  3. 3.0 3.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  4. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ