سبق آموز / پڄاڻي (Epilogue) ناول يا ڊرامي جو آخري باب، جنھن ۾ ليکڪ سڄي ڪھاڻيءَ جو اخلاقي پھلو بيان ڪندو آهي، هن قسم جا ناول ۽ ڊراما اوائلي دؤر۾ عام هوندا هئا، جن ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما بہ اچي وڃن ٿا. مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع) جي اڪثر ڊرامن ۽ ناولن جي آخر ۾ سبق آموز باب ضرور ملندو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.