پيش لفظ

ڪتابي اصطلاح
تمھيد، ديباچو، يا ارپنا سان ڀل نہ کائو.

پيش لفظ (انگريزي: Foreword)،ڪنهن ڪتاب يا ادبي تصنيف جي شروع ۾ لکيل مضمون کي چئبو آهي. پيش لفظ اڪثر ليکڪ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪتاب جي باري ۾ لکندو آهي. پيش لفظ لکندڙ ڪتاب جي ليکڪ جي وچ ۾ ڪتاب بابت ڳالهه ٻولهه کي لکندو آهي. جيڪڏهن ڪتاب جو نئين ايڊيشن اچي ته ان ۾ ممڪن آهي نئون پيش لفظ هجي جيڪو اڳي کان مختلف هجي، ۽ نئون پيش لفظ پهرين لڳايو ويندو آهي ۽ پوءِ پراڻو پيش لفظ لڳايو ويندو آهي.

جيڪڏهن پيش لفظ ليکڪ خود لکڻ چاهي ته ان ۾ انهن جا ٿورا مڃيندو آهي جن جي مدد سان ڪتاب ممڪن بڻيو، ديباچي ۾ ليکڪ جي صحيح جي ضرورت ناهي پر جيڪڏهن ليکڪ پاڻ پيش لفظ لکي ته صحيح ڪرڻ لازمي آهي.[1]

ڪتاب جي شروعات ۾ پيش لفظ، ديباچو، يا ارپنا جي صفحن کي ڪتاب جي صفحن سان نه ڳڻيو ويندو آهي اهڙي صفحن جي هيٺ صفحو نمبر رومن انگن ۾ ڏنل هوندو آهي ۽ باقي سموري ڪتاب جي صفحن کي عربي انگن سان ڏيکاريو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪتاب ۾ ديباچو ۽ پيش لفظ موجود هجن ته پهرين پهرين پيش لفظ جو صفحو هوندو آهي پوءِ ديباچو، ان کان اڳ جيڪو صفحو ايندو آهي ان کي ڪتاب جو تعارف چيو ويندو آهي.

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Pope, Geoff. ""Foreword" Versus "Forward"". Grammar Girl's Quick and Dirty Tips. Macmillan Holdings, LLC. حاصل ڪيل 10 August 2012.