ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي.

جيڪڏهن اسين آلن پيرن جي نشانن تي غور ڪريون ته مشاهدو ٿيندو ته اهي نشان اسان جي پيرن (Feet) جا سڄا نشان ناهن ڇاڪاڻ ته پيرن جي تريءَ جو ڪجهه حصو مٿي هئڻ جي ڪري زمين کي نہ ٿو ڇهي. اصل ۾ پير جي بناوت هڪ قسم جي ٽپائي آهي، جيڪا ٽن جاين تي زمين کي لڳي ٿي، هڪ جاءِ ان جي پويون حصو يعني کڙي هوندي آهي، ٻيون ٻہ جايون ان جي اڳئين حصي يعني تريءَ واري حصي ۾ آهن. انهن ٽن جاين تي اسين بيهڻ جي قابل هوندا آهيون، انهن ٽن وزن کڻڻ وارين جاين تي ڪيتريون ئي ننڍيون هڏيون ۽ ننڍن وڏن عضون جي مدد سان پير هڪ محراب (Arch) جي شڪل بنائين ٿا، پيرن جو اهو ڪُٻُ يا محراب سخت ناهي هوندو پر لچڪدار هوندو آهي، اها لچڪ ان کي پيرن جي هڏين جي مخصوص بناوت ڀرڪڻ هڏين ۽ پيرن جي عضون ۽ ليگامينٽون جي ڪري آهي، انجنيئرنگ جي نقطه نظر سان محراب تعميرات جو هڪ سٺو مثال آهي، جيڪو اسان جي سڄي جسم جو وزن سواءِ ڪنهن تڪليف جي کڻندو آهي.

پيرن ۾ محراب جي هيٺان واري جاءِ چرٻيءَ سان ڀريل هڪ نرم گديءَ وانگر هوندي آهي، ان ۾ رت جون نليون، اعصابي رڳون ۽ پتريون هڏيون، هلڻ گهمڻ دوران بار سان دٻجڻ کان محفوظ رهي پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي.

جڏهن اسين اگهاڙن پيرن تي هلندا آهيون ته، ، پير جي انهيءَ مخصوص بناوت جي ڪري اسان کي ڪا به تڪليف محسوس ناهي ٿيندي. سڌن رستن تي هلڻ وقت اسان جي پيرن جون ڪجهه جايون مسلسل عمل پذير هونديون آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ مخصوص طرز جي عمل لاءِ ڍالي ڇڏينديون آهن. زمين جي باقاعدگي ۽ هيٺ مٿانهين صورت ۾ پيرن جي لچڪدار بناوت هر قدم کان پوءِ پيرن کي هڪ نئين پوزيشن اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. اهڙيءَ طرح اسان جا پير پنهنجي محرابن جي نازڪ ڇڪتاڻ وارن عضون جي ڪري آسانيءَ سان متحرڪ رهنداآهن.

پيدائش کان وٺي بيهڻ جهڙو ٿيڻ تائين، هلڻ گهمڻ جي عمر تائين ٻارن جا پير چپترا هوندا آهن، اصل ۾ پيرن جو محراب هلڻ جي ورزش جي ڪري ٺهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن نسلي يا مورثي طور تي ڪجهه ماڻهو چپترن پيرن وارا هوندا آهن. يعني انهن جي پيرن جي محراب جي بناوت ڪمزور هوندي آهي. ان کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن ورزش جي گهٽتائي جي ڪري يا گهڻو وقت بيهڻ جي ڪري يا رت جي گردش ۾ گهٽتائي جي ڪري پيرن جا محراب ٻوجهه کڻڻ جي قابل نه رهندا آهن ۽ ڦهلجڻ لڳندا آهن، نتيجي ۾ پير چپترا ٿي ويندا آهن.

چپترن پيرن وارا ماڻهو گهمڻ ڦرڻ جي ڪري ٻين جي ڀيٽ ۾جلدي ٿڪجي پوندا آهن ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ ۽ هيٺ مٿانهين تي هلڻ ۽ گهمڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندا آهن.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  2. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا