پيراٿائرائڊ غدود


پيراٿائرائڊ غدود (انگريزي: Parathyroid glands ) انساني ۽ چوپائي مال جي ڳيچي ۾ ننڍڙا اينڊوڪرائن نظام وارا غدود ھوندا آھن. انسان ۾ عام طور تي چار پيراٿائرائڊ غدود ھوندا آھن جيڪي ٿائرائيڊ غدود جي پٺيان ملندا آهن. اھي رت ۾ ڪيلشيم جي ڪمي جي ڪري پيراٿائرائڊ ھارمون پيدا ڪندا ۽ ٻاھر ڪڍندا آهن جيڪي ھارمون ھڏن منجھ ۽ رت ۾ ڪيلشيم کي برقرار رکڻ جو اھم ڪردار ادا ڪندا آهن. پيراٿائرائڊ غدود ساڳي رت جي رسد، نسن جي وھڪ ۽ لمفيٽڪ وھڪ ٿائرائيڊ غدود ڏي موڪليندا آھن.

پيراٿائرائڊ غدود
Parathyroid glands

ڊائگرام ۾ انساني بت جي ڳيچي واريون بناوٽون. چئن سائي رنگ وارين جاين تي پيراٿائرائڊ غدودن واريون جايون ڏيکاريل جيڪي چار غدود ھوندا آھن ۽ نارنگي رنگ ۾ ڏيکاريل ٿائرائيڊ غدود جي پٺيان واقع ھوندا آھن

ٿائرائيڊ ۽ پيراٿائرائڊ ڪنڌ وٽان ڏيکاريل
تفصيل
پريڪرسر نيورل ڪريسٽ ميسنڪائم، ٽئين ۽ چوٿين ڳلي جي ڳوٿري (Pharyngeal pouch) اينڊوڊرم (endoderm)
عضون جو نظام اينڊوڪرائن نظام
شريان وڏي ٿائرائيڊ شريان, ننڍي ٿائرائيڊ شريان,
نس وڏي ٿائرائيڊ نس, وچولي ٿائرائيڊ نس, ننڍي ٿائرائيڊ نس,
تنت وچولي سرويڪل گينگلئن, ننڍڙي سرويڪل گينگلئن
لمف ساھ جي نالي کان اڳ واري لمف جي ڳنڍ, پري ليرنجيئل لمف، جگلوڊائگيسٽرڪ لمف
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي glandula parathyreoidea inferior, glandula parathyreoidea superior
ائناٽامي جا محاورا A11.4.00.001
ائناٽامي جو بنيادي ماڊل 13890
ائناٽامي جا محاورا

حوالا سنواريو