پريم ناٿ بزاز (انگريزي: Prem Nath Bazaz)، ڪشميري سياستدان، عالم ۽ ليکڪ هو.هي سيڪيولر ۽ جمهوري اڳواڻ هو. هن ڪشمير سوشلٽ پارٽي ۽ ڪشمير مزدور ڪانفرنس نالي ٻه تنظيمون پڻ جوڙيون. هي مشهور نعري ”ڪشمير تي ڪشميرن جو حق آهي (انگريزي: Kashmir belongs to Kashmiris) " جو ايجاد ڪندڙ هو. هي وفات تائين ڪشمير جي آزادي جو حمايتي هو.

پريم ناٿ بزاز

هي ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هو، سندس ڪتابن جو مُک مرڪز ڪشيمر هئي. هن جي لکيڪ ڪتابن ۾؛

  • ڪشيمر جي اندر (1941) (انگريزي: Inside Kashmir)[1]
  • ڪشمير جي سياسي ۽ ثقافتي آزادي جي تحريڪ جي تاريخ: قديم دور کان موجوده وقت تائين (1945) (انگريزي: The History of Struggle for Freedom in Kashmir: Cultural and Political, from the Earliest Times to the Present Day)[2]
  • وتستا جي نياڻيون: قديم دور کان موجوده وقت تائين ڪشميري عورتن جي تاريخ (1959) (انگريزي: Daughters of the Vitasta: A History of Kashmiri Women from Early Times to the Present Day) (1959)[3]
  • خوف ۽ دهشت ۾ ورتل جمهوريت:ڪشميري سياست جي اڻ ٻڌايل ڪهاڻي (1978) (انگريزي: Democracy Through Intimidation and Terror: The Untold Story of Kashmir Politics (1978))[4]
  • Secular Morality: A Solvent of Contemporary Spiritual Crisis (1978)[5]

شامل آهن.

هن کي شيخ محمد عبدالله جو ويجهو ساٿي تصور ڪيو ويندو هو. پر ان هوندي ڪشمير جي انڊيا سان الحاق واري مسئلي تي ان سان شديد اختلاف رکندو هو.

حوالا سنواريو