پدي لکتون __(Syllabic Writings):

ھن قسم جي لکت ۾ ڪتب ايندڙ نشانيون ڳالھائڻ واري ٻوليءَ جي اکرن (Syllables) جون عيوضي ھونديون آھن.آوازي لکت سان ھڪ حصو علحدو ڪيو ويندو آھي، جنھن سان صرف آواز معلوم ٿئي. آ، و، ي وغيره جپاني ۽ چيني وغيره لکت ھن قسم جي آھي. ان کانسواءِ ٻولين مان به ڪي هڪ پديون ته ڪي گهڻ پديون ٿينديون آهن. جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو نظام ان کي گهڻ پدي صورت ڏي ٿو، جو هڪ لفظ ۾ پد ڳنڍي مڪمل جملا ٺاهي سگهجن ٿا. مثلاً ”لکرايو مانس“، ”مون هن کان لکرايو“ .[1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي