پاڪ فوج جو سربراھ

چيف آف آرمي اسٽاف

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽوؒ جي آئين 1973ع ۾ صدر پاڪستان کي عسڪريه پاڪستان جي سالارِ خاص جو قلمدان سونپيو ويو جنھن کي ھو وزير اعظم جي گڏيل مشوري سان استعمال ڪندو آھي۔ پاڪ فوج جا سربراھ ھاڻي 1973ع جي آئين سان رئيسِ عملۂ پاڪ فوج (COAS) چورائيندو آھي جيڪو چار ستارا جنرل ھوندو آھي جنھن کي وزير اعظم جي گڏيل مشوري سان صدر چونڊيندو آھي ۽ ھي رئيسِ عسڪريه پاڪستان (CJCSC) جي ماتحت ڪم ڪندو آھي۔

پاڪ فوج سالارِ خاص جي فھرست سنواريو

  1. جنرل سر فرينڪ مسروي (15 آگسٽ 1947ع - 10 فيبروري 1948ع)
  2. جنرل سر ڊوگلس ڊيود گريسي (11 فيبروري 1948ع - 16 جنوري ع1951)
  3. فيلڊ مارشل ايوب خان (جنوري 16 1951ع - آڪٽوبر 26 1958ع)
  4. جنرل موسيٰ خان (آڪٽوبر 27 1958ع - جون 17 1966ع)
  5. جنرل يحيٰ خان (جون 18 1966ع – ڊسمبر 20 1971ع)
  6. ليفٽيننٽ جنرل گل حسن (ڊسمبر 20 1971ع - مارچ 3 1972ع)

پاڪ فوج جي عملي جي رئيسن جي فھرست سنواريو

  1. جنرل ٽڪا خان (مارچ 3 1972ع – مارچ 1 1976ع)
  2. جنرل محمد ضياء الحق (اپريل 1 1976ع - آگسٽ 17 1988ع)
  3. جنرل مرزا اسلم بيگ (آگسٽ 17 1988ع - آگسٽ 16 1991ع)
  4. جنرل آصف نواز (16 آگسٽ 1991ع - 8 جنوري 1993ع)
  5. جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ (جنوري 8 1993ع - ڊسمبر 1 1996ع)
  6. جنرل جھانگير ڪرامت (ڊسمبر 1 1996 - آڪٽوبر 6 1998ع)
  7. جنرل پرويز مشرف (آڪٽوبر 7 1998ع - نومبر 28, 2007ع)
  8. جنرل اشفاق پرويز ڪياني (نومبر 28, 2008ع - نومبر 28, 2013ع)
  9. جنرل راحيل شريف (نومبر 29, 2013 کان تا حال)