پاڪستان جي پارليامينٽ

پاڪستان جو وفاقي قانونساز

پاڪستاني پارليامينٽ (انگريزي: Parliament of Pakistan) (اردو: مجلس شوریٰ پاکستانMajlis-e-Shūrā Pākistān) ھڪ وفاقي ۽ سڀ کان وڏو ملڪي ادارو آهي جيڪو ٻن ايوانن تي مشتمل آهي جن ۾ ھڪ : مٿيون ايوان جيڪو سيينيٽ آھي ۽ ٻيو: ھيٺيون ايوان جيڪو نيشنل اسيمبلي يا قومي اسيمبلي آھي. آئين جي مطابق ملڪي صدر بہ پارليامينٽ جو حصو آهي. قومي اسيمبلي جي چونڊ پنج سالن لاءِ اليڪشن ذريعي عام ماڻهن جي ووٽ ذريعي ٿيندي آهي جنھن ۾ ھڪ ماڻھو ھڪ ووٽ جو طريقو مروج آھي. ھر ميمبر اسيمبلي جي مدي ، وفات ۽ استعفیٰ تائين برقرار رھندو آھي. جيڪڏهن قومي اسيمبلي وزيراعظم جي مشوري سان وقت کان اڳ تحليل ٿئي يا ميمبر آئين تحت نا اھل قرار ڏيڻ سان بہ رڪنيت ختم ٿي ويندي آهي. پارليامينٽ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي عمارت ۾ اجلاس ڪندي آهي جتي ٻنھي ايوانن جا بحث لاءِ وڏا ھال ٺھيل آھن جتي ايوانن جون ڪاروائيون ھلنديون آھن. 1960 کان اڳ پارليامينٽ جي عمارت ڪراچي ۾ ھئي.

Parliament of Pakistan


مجلس شوریٰ پاکستان

Mājlis-e-Shūrā Pākistān
قسم
قسم
بائِڪيمرل
جو حصو آهي
ايوان سينيٽ
قومي اسيمبلي
تاريخ
بنياد 5 مارچ 1956؛ 68 سال اَڳُ (1956-03-05)
ان کان اڳ پاڪستان جي قانونساز اسيمبلي
اڳواڻي
عارف علوي
پاڪستان تحريڪ انصاف
9 سيپٽمبر 2018ع کان
مير صادق سنجراڻي
آزاد
12 مارچ 2018ع کان
سليم مانڊويوالا
پ پ پ
12 مارچ 2018ع کان
اسد قيصر
پي ٽي آئي
15 آگسٽ 2018ع کان
قاسم سوري
پي ٽي آئي
15 آگسٽ 2018ع کان
شھزاد وسيم
پي ٽي آئي
26 آگسٽ 2018ع کان
عمران خان
پي ٽي آئي
18 آگسٽ 2018ع کان
ڍانچو
سيٽون 446 پارليامينٽرينس
104 سينيٽر
342 ايم اين ايز
سينيٽ سياسي ڌڙا
حڪومتي اتحاد (41)

مخالف ڌر (64)

قومي اسيمبلي سياسي ڌڙا
حڪومتي اتحاد (177)

اعتماد ۽ رسد (6)

مخالف ڌر (159)

چونڊون
اڪيلو منتقل ٿيندڙ ووٽ
گڏيل رڪن اڪثريتي (فرسٽ پاسٽ دي پوسٽ نظام عام سيٽن لاءِ آھي، عورتن لاءِ 60 سيٽون رکيل آھن، جڏھن تہ اقليتن لاءِ 10 سيٽون رکيل آھن جيڪي نسبتي نمائندگي جي اصول تحت ورھايون وينديون آھن)
سينيٽ پويون چونڊون
3 مارچ 2018ع
قومي اسيمبلي پويون چونڊون
25 جولاءِ 2018ع
سينيٽ ايندڙ چونڊون
6 مارچ 2021ع (متوقع)
قومي اسيمبلي ايندڙ چونڊون
12 آڪٽوبر 2023ع (متوقع)
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ
پارليامينٽ جي عمارت
اسلام آباد، پاڪستان
ويب سائيٽ
www.na.gov.pk
www.senate.gov.pk