پاڪستان جي رياستي علامت

پاڪستان جي ریاستي علامت جو اتخاذ 1956ء ۾ ڪيو ويو هو۔ هي علامت پاڪستان جو نظرياتي اساسو، ان جي معيشت جو بنياد، ان جو ثقافتي ورثو ۽ ان جي رهنما اصولن جو عڪس آهي۔ هن علامت ۾ هڪ ڍال جي مٿان چنڊ تاري جو نشان ٺهيل آهي ، جنهن جي چوڌاري گلن جو حلقو آهي۔ هن حلقي جي هيٺان هڪ صحيفو ٺهيل آهي ، جنهن تي پاڪستان جو قومي اصول لکيل آهي۔ چنڊ تاري ۽ حلقي ۾ موجود سائو رنگ اسلام جو روايتي نشان آهي۔ حلقي ۾ موجود ڍال چار برابر حصن ۾ ورهايل آهي ، جنهن جي مٿين حصي ۾ سڄي پاسي چانهه ۽ کٻي پاسي ڪپهه؛ جڏهن ته هيٺين حصي ۾ سڄي پاسي ڪڻڪ ۽ کاٻي پاسي جوٽ ڏيکاريو ويو آهي۔ آزادي جي وقت، هي پاڪستان جا اهم فصل هيا ۽ انهن کي ڍال تي ظاهر ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي زرعي معيشت جي عڪاسي ڪرڻ هيو۔ هيٺ موجود صحيفو، قائد اعظم جي اصولن ، ”ايمان، اتحاد، نظم“، جو پيغام آهي، جن کي پاڪستان جي رهنما اصولن مان هڪ ڳڻيو ويندو آهي۔ ڍال جي چوڌاري جو حلقو پاڪستان جي قومي گل ياسيمين سان ٺهيل آهي۔

پاڪستان جي رياستي علامت

سانچو:پاڪستان جون قومي علامتون