پاڪستان بين الاقوامي ايئرلائينز

سانچو:Infobox airline

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جنهن کي عام طور تي پي.آءِ.اي (P.I.A) چيو وڃي ٿو. هي پاڪستان جي قومي ايئر لائين آهي. پي. آءِ. اي ايشيا ۾ ايڪٽيهون وڏو هوائي سفري ادارو آهي، جنهن جي پاڪستان جي 23 هوائي اڏن کان سواءِ ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا جي 36 ملڪن لاءِ سروس موجود آهي.

هن ايئر لائن جو آغاز هندستان جي ورهاڱي کان اڳ 23 آڪٽوبر 1946 ع تي اوريئنٽ ايئر ويز جي نالي سان ڪلڪتا ۾ ٿيو. بعد ۾  10 جنوري 1955 ع تي نيشنلائيزڊ ڪري هن جو نالو پاڪستان بين الاقوامي ايئر لائنز رکيو ويو. پهرين عالمي پرواز 1955 ع ۾ قاهره ۽ روم  رستي لنڊن هلائي وئي. 

پي آئي اي 30 کان وڌيڪ جهازن سان پاڪستان جي سڀ کان وڏو هوائي ادارو آهي. مالي نقصانن سبب 2018 ع ۾ پي آئي اي جي 49 سيڪڙو نجڪاري ڪئي وئي.

منزلون سنواريو

سيپٽمبر 2016 تائين، ايشيا، وچ اوڀر، يورپ، اتر آمريڪا جي 28 ملڪن  سميت 22 ملڪي پراوازون پي آئي اي جا جهاز ڀريندا رهيا.

حوالا سنواريو