پاڃاري

جانور جوٽڻ جو اوزار

پاڃارِي (انگريزي: Yoke) هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي جيڪو ڪاٺ مان ٺھيل هوندو آهي. سنڌ توڙي دنيا ۾ استعمال ٿئي ٿو. پاڃاري نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ ۾ پڻ ڪم ايندي آهي. پاڃاري جا ٻہ خانا يا حصا ٿين ٿا جن ۾ هر ۾ جوٽيل جانورن جون ڳچيون ڦاسايون وينديون آھن. پاڃاري ۾ جانورن جي ڳچين سوگهو ڪرڻ لاءِ ڏورڻا هوندا آهن. پاڃاري جي ڇيڙن ۾ سوراخ هوندا آهن جن ۾ ڏورڻا پوندا آهن. پاڃارين جا مختلف نمونا ۽ بناوتون ٿيندين آهن. ڪي سڌيون ٿين ڪي خوبصورتي لاءِ وڪڙن واريون ٿين ٿيون.[1][2]

ڍڳي گاڏي ۾ جوٽيل جانورن کي آيل پاڃاري
پاڃاري جو هڪ نمونو

حوالا سنواريو

  1. "پاڃاري | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-08-11. 
  2. "پاڃاري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-11.