پاليسي, حڪمت عملي يا رهنما اصول ڪنهن به رياست يا ڌُر طرفان اڳواٽ ڳڻ ڳوت ٿيل ۽ سياسي ڏاهپ تحت طئي ٿيل اهي ضابطا يا ورتاءَ آهن، جيڪي ڪنهن به ٻيءَ ڌُر سان لاڳاپي ۾ اچڻ تي اختيار ڪيا وڃن ٿا. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته ”پاليسي“ اصل ۾ ڪنهن به فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ طئي ٿيل طريقو آهي، جيڪو فيصلا ڪرڻ ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌُر کي بُنيادي ڍانچو ڏي ٿو. ڪا به ”پاليسي“ طئي ڪرڻ لاءِ صلاحن، تجويزن ۽ پَڪَ ٿيل اطلاعن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوي ٿي. عام طرح سان پاليسي کي ڪنهن به اداري جي اعليٰ اختياراتي فورم يا مشاورتي مجلس يا حڪومت جي اهم پاليسي ساز اداري ”ڪابينا“ طرفان لاڳو ڪيو ويندو آهي. ”پاليسيءَ“ ذريعي ڪنهن به فورم جي بنيادي مقصد يا بنيادي پروگرام، منشور يا خاڪي کي تصور ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ هر لاڳاپيل ڌُر پنهنجن پاليسين لاءِ پاڻ ذميوار هوندي آهي. [1]

حوالا سنواريو