پائيدار ترقي

انساني ترقي جو طريقو

پائيدار ترقي (Sustainable Development) زندگيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ جي سرگرمي، جيڪا خاص طور تي انهن ملڪ ۾ سرانجام ڏني وڃي، جن جو سياسي، معاشي ۽ سماجي ڍانچو هيڻو ۽ مسئلا وڌيل هُجن. ان سلسلي ۾ اُسريل يا ترقي ڪيل ملڪن ۽ بين الاقومي ادارن طرفان اُسرندڙ يا ترقي ڪندڙ ملڪن جي مختلف شعبن ۽ ادارن لاءِ اهڙيون رٿائون جوڙيون وينديون آهن، جن جا اثر گهڻ مُدتي ٿين. انهن رٿائن ۾ اڏوتون ، رابطائي سرشتو، صحت، تعليم، صنعت ۽ فني سهڪار سميت گهڻا ئي شعبا اچي وڃن ٿا. رٿائن جي اوليت لاڳاپيل ملڪن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃي ٿي.[1]

  1. Sustainable Development | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-01-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13