ٽھڪ. (انگريزي: laughter ) انسان جو ھڪ جسماني ردعمل آھي جيڪو ترنم وارو ھوندو آھي، ۽ اڪثر ڳلي واري پردي يا ٿاريسڪ ڊائفريم (Thoracic diaphragm) ۽ ساھ واري نظام جي حصن جي آواز ڪڍندڙ سڪڙجڻ جي عملن جي ڪري ٿيندو آهي. اھو عمل جسم ۾ ڪنھن بہ اندروني يا بيروني محرڪ جي ھڪ موٽ ھوندو آھي. ٽھڪ جي شروعات مرڪ سان ٿيندي آهي

Image not available.
ڪپڙن سبڻ جي فيڪٽري ۾ مزدور ٽھڪ ڏيندي
ڪتڪوڙي سان عام طور تي ماڻھو ٽھڪ ڏيندا آهن

بيروني محرڪن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪتڪوڙي,[1] مزاحيہ ڪھاڻي يا خيال[2] لطيفا يا مزاحيہ ٽوٽڪا شامل ھوندا آھن. ٽھڪ عام طور تي مثبت احساسن جو اظھار ھوندو آھي جن ۾ خوشي، مسرت، مزو، سڪون وغيره شامل آهن. ڪڏھن ڪڏھن منفي احساس بہ ٽھڪ سان ظاهر ٿيندا آهن جن ۾ ڦڪائي يا شرمندگي، معافي، پريشاني شامل آهن. ان قسم جي ٽھڪ کي پشيماني وارو ٽھڪ يا نروس لافٽر (nervous laughter) چوندا آهن.[3] ٽھڪ انساني سلوڪ جو حصو آهي جنھن جو ضابطو دماغ سان ٿئي ٿو. اھو انساني باھمي سماجي رابطن م ٽھڪ ڏيندڙ ماڻھو جي ارادن کي ظاھر ڪري ٿو ۽ گفتگو ۾ جذبي واري متن کي ٻڌندڙ تائين پھچائي ٿو.[4]مزاح ۽ ٽھڪن جي اڀياس واري علم کي جيلوٽالاجي (Gelotology) سڏين ٿا.


حوالا سنواريو

  1. Stearns, Frederic Rudolph (1972). Laughing: Physiology, Pathology, Psychology, Pathopsychology and Development. pp. 59–65. ISBN 978-0398024208. 
  2. Shultz, T. R.; Horibe, F. (1974). "Development of the appreciation of verbal jokes". Developmental Psychology 10: 13–20. doi:10.1037/h0035549. 
  3. Olmwake, Louise (1937). "A study of sense of humor: Its relation to sex, age and personal characteristics". Journal of Applied Psychology 21 (6): 688–704. doi:10.1037/h0055199. 
  4. Camazine, Deneubourg, Franks, Sneyd, Theraulaz, Bonabeau, Self-Organization in Biological Systems, Princeton University Press, 2003. ISBN 0-691-11624-5ISBN 0-691-01211-3 (pbk.) p. 18.