ٽِپاري اصل پيرو جو آهي، مگر ڪيپ ۾ توڙي هندستان ۾ عام ٿي ويو آهي. ميوو بلڪل آلو بالو يا شاهداڻي جهڙو ٿئي ٿو ۽ پنن جي جهمٽ ۾ لڪل ٿو رهي. سواد چڱو ٿو ٿئيس. مربو تمام چڱو ٿيندو اٿس. مئي يا جون مهيني ۾ ٻج پوکيندا آهن، پوءِ ٻيجاري مان چڪيون ڪڍي قطارن ۾ رکندا آهن، جي چئن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي هڻندا آهن. زمين ۾ ڀاڻ هوندو ته چڱو آهي. جڏهن اٺن انچن جا ٿين تڏهن پاڙ جي مٽي ڪڍجين. جڏهن ٻور جهلين تڏهن ٽارين جون چوٽيون پٽي ڇڏجين، جو انهيءَ ڪري ميوو زور وٺندو. ميوو جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ پچي ٿو. هي وڻ تمام نازڪ ٿو ٿئي. گهڻي سردي نه سهي سگهندو آهي. گرم موسم ۽ گرم ملڪن ۾ چڱو ٿيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو