ٽوڪيو ٽاور جاپان

مشاھدي جو ٽاور

ٽوڪيو ٽاور سن 1958ء ۾ نشرياتي ٽاور جي حيثيت ۾ جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ تعمير ڪيو ويو هو ۽ اهو ٽيليويزن سگنلن ۽ ايف. ايم ريڊيو جي نشريات تي ضابطي رکڻ سان گڏ ٽوڪيو شهر ۾ اطلاعات پهچائڻ ۽ گڏ ڪرڻ واري نظام تي به ضابطو رکندو آهي. انهن مکيه ڪمن کانسواءِ هي ٽاور هن علائقي جي هوا ۽ فضا جي آلودگيءَ بابت معلومات به گڏ ڪندو آهي.

ٽوڪيو ٽاور

هي ٽاور 333 ميٽر يعني 364 وال اوچو آهي ۽ پئرس شهر واري ايفل ٽاور کان 13 ميٽر وڌيڪ اوچو آهي. اهڙيءَ ريت هي ٽاور فولاد جو ٺهيل دنيا جو سڀ کان وڌيڪ اوچو ٽاور آهي، جيڪو ڪنهن ٽيڪ کان سواءِ پاڻ مرادو بيٺل آهي ۽ اڄ ڪلهه ٽوڪيو شهر جو هڪ معروف تفريحي ماڳ آهي. ٽاور ۾ ٻن هنڌن تي گئلريون ٺهيل آهن، جتان شهر توڙي ان جي آسپاس جي روح پرور نظارن جو ڏينهن دوران ديدار ڪري سگهجي ٿو. انهن گئلرين مان هڪڙي 150 ميٽرن جي اوچائيءَ تي ۽ ٻي 250 ميٽرن جي اوچائيءَ تي ٺهيل آهي.

سن 1989ء ۾ ٽاور جي روشنيءَ واري نظام ۾ وڌيڪ سڌارو ۽ واڌارو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ته اهو خالص روشنيءَ جو ٺهيل ٽاور نه، پر جهاز لڳي جيڪو آڪاس ساگر ۾ موجزن آهي. ڪرسمس جي موقعي تي هي ٽاور اهڙي انداز ۾ روشنين سان جرڪايو وڃي ٿو، جو اهو هڪڙي شاهي ميڻ بتيءَ جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ 1950ء واري ڏهاڪي ۾ جاپان پاڻ کي هڪ ڀيرو وري دنيا ۾ اقتصادي سگهه طور ثابت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي نشريات ۽ مواصلات لاءِ هڪ شاندار ٽاور تعمير ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو.

1960ء واري ڏهاڪي دوران شهر جي افق تي فقط اهو ئي ٽاور موجود هو، پر پوءِ شنجوڪو (Shinjuku) ۽ اڪاساڪا (Ikasaka) وارن علائقن ۾ شيشي جا ٺهيل ٽاور به نمايان طور کڙا ڪيا. جن جي رنگ ۽ روپ جو جلوو ئي عجيب هو. ليڪن ٽوڪيو ٽاور ۾ نصب ٿيل 164 بتين جي رات جي وقت ۾ مختلف مندن موجب ڦرندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ روشنيءَ جو نماءُ پنهنجي مخصوص حسن کي ظاهر ڪري ٿو.

ڪجهه سال اڳي ٽوڪيو ٽاور تي گازيلا (Gozilla) نالي جيت مهلي اچي واسو ڪيو هو، جنهن کي اسپري وسيلي ختم ڪيو ويو.

هن ٽاور کي ٺهئي اڌ صديءَ جو وقت گذري چڪو آهي، ان ڪري نشرياتي مقصد لاءِ سائٽاما (Saitama) واري ماڳ تي هڪڙو نئون ٽاور تعمير ڪرڻ جي رٿا ٺاهي آهي، جيڪو ٽاور 500 ميٽر اوچو هوندو ۽ ان ۾ تمام وڏيون اينٽينائون نصب ٿيل هونديون، جن وسيلي مواصلات، اطلاعات ۽ نشريات جون تقريباً سموريون ضرورتون پوريون پيون ٿينديون.[1]

حوالا سنواريو