ٽنڪا __(Tanka):


ٽنڪا، جاپاني شاعري جي اها صنف آهي، جيڪا پنجن سٽن تي مشتمل آهي ۽ ان جو وزن ڇند جي حساب سان 31 ماترائن تي مشتمل هوندو آهي. يعني پنج، ست، پنج ، ست ، ست ماترائون. سنڌي شاعريءَ ۾ هيءَ صنف تجرباتي طور سڀ کان اڳ مختيار ملڪ، تاج جويي ۽ مير محمد پيرزادي لکي. هيءَ جپان جي ڪلاسيڪل شاعري جي هڪ صنف آهي. جنهن ستين صديءَ ۾ جنم ورتو. انگريزي شاعريءَ ۾ هيءَ ايتري مقبوليت نه ماڻي سگهي، جپاني صنف هائيڪو جي پٺيان ٻه وزن سٽون، هائيڪي ۾ وچين سٽ ترائيل جوڙڻ سان ٽنڪا جنم وٺي ٿي. ڪجهه انگريز شاعرن،ايمي لوويل (Amy Lowell) ۽ ڪريپسي Crapsey، جن ان صنف تي طبع آزمائي ڪئي. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي