ٽامب اسٽون نشاني

ٽامب اسٽون (انگريزي: Tombstone ) يا ھيلموس (انگريزي: Halmos) يا اينڊ آف پروف (انگريزي: end of proof )، يا ڪيو اي ڊي مارڪ(انگريزي: Q.E.D.mark ) (جن جو اظھار "∎" يا "□" يا "▯" ٿيندو آھي) جو استعمال عام طور تي رياضي ۾ ٿيندو آهي. ڪيو اي ڊي مارڪ جو مطلب آھي."quod erat demonstrandum جيڪو ھڪ لاطيني محاورو آھي جنھن جي معني آهي " جيڪو ڏيکارڻو هو". ھن نشاني جو استعمال رسالن ۾ بہ مقالن جي آخر ۾ اڪثر ٿيندو آهي. ھن نشاني کي مستطيل ۽ چورس ۾ ڏيکاريو ويندو آھي جيڪي يا تہ ڪاري رنگ سان ڀريل يا وري خالي ڏيکاربا ويندا آهن. يونيڪوڊن ۾ ان کي يونيچر طور ڏيکاريندا آهن. اي ايم ايس ليٽيڪس ۾ ھي نشان لکت جي سڀني پروفن جي آخر ۾ لڳايو ويندو آهي. ھن کي ڪڏهن ڪڏهن ھيلموس بہ چوندا آهن جيڪو نالو ان تي پاؤل ھيلموس نالي رياضيدان جي نالي تان پيو ھو جنھن سڀ کان اول ھن نشاني کي رياضي ۾ استعمال ڪيو. ھن کي اھو خيال ان ڪري آيو تہ اھا نشاني عام طور تي رسالن ۾ مقالن جي خاتمي واري جاء تي استعمال ٿيندڙ ھئي.

ٽامب اسٽون نشاني يا پروفن جي خاتمي جي نشاني جا مختلف نمونا

حوالا سنواريو