جهاز ته هيستائين ڪيئي ٻڏي چڪا آهن ۽ ٻڏندا به رهن ٿا. فلمون به، نه فقط ٽائٽانڪ جهاز تي، پر ٻين به ڪيترن ئي جهازن تي ٺهي چڪيون آهن ۽ ٽائٽانڪ جهاز تي به هيءَ پهرين فلم ناهي، پر 1912ع کان وٺي اڄ تائين 86 سالن ۾ ٽائٽانڪ جهاز تي ڪيتريون ئي فلمون، ڪتاب ۽ ٽي وي سيريل ٺهي چڪا آهن. پهرين فلم ته جهاز ٻڏڻ کان يڪدم پوءِ مهينو کن رکي ٺهي هئي، جنهن جي فلم اسٽار اها هئي، جيڪا ٽائٽانڪ جهاز جي ان بدنصيب سفر جي مسافر هئي. ان فلم جو نالو (Saved from the Titanic) هو. انهن ڏينهن ۾ فلمون ٽاڪيز نه هيون. يعني آواز بنا ٺهنديون هيون ۽ ٽائٽانڪ ٽريجڊيءَ جي اها فلم بنا آواز جي هئي. يعني گونگي فلم هئي.

Teutonic Titanic فلم جرمني وارن ٺاهي هئي، جنهن جو خرچ پکو نازي حڪومت ڏنو. هن فلم جو خيالي هيرو هڪ جرمن جوان ڏيکاريو ويو هو. 1958ع ۾ برطانيه وارن به ٽائٽانڪ تي هڪ فلم A Night to Remember ٺاهي، پر فلم ڊائريڪٽر جيمس ڪئمران جي هيءَ تازي فلم Titanic سڀني فلمن کان گوءِ کڻي وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي هاڪ هلي وئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن فلم تي، فلم ٺاهيندڙن ”فاڪس فلمڊ انٽرٽينمينٽ“ وارن وڏو خرچ ڪيو آهي. ٻه سئو ملين ڊالر فلم جي شوٽنگ تي خرچ ٿيو آهي ۽ اهڙا ڏيڍ سئو ملين ڊالر مارڪيٽ تي خرچ ٿيو آهي. (هن کان اڳ گهڻي خرچ واري فلم ”واٽر ورلڊ“ آهي. جنهن تي 175 ملين ڊالر خرچ آيو هو) منهنجي خيال ۾ هن فلم کي مٿانهون ڪندڙ، ماڻهن کي حيرت ۾ وجهندڙ نظارا آهن، جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيا ويا آهن. هيئن هن کان اڳ ٺهيل فلم Jurrasic Park هئي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر جنريٽيڊ اسي کن Shots هئا ۽ هن فلم ٽائٽانڪ ۾ 550 آهن. هن فلم ٽائٽانڪ جي شوٽنگ جو بندوبست فاڪس فلم ڪمپنيءَ وارن ميڪسيڪو جي شهر روزاريتو ۾ سورهن هيڪٽر ڪامپليڪس تي ڪيو هو. فلم ۾ جيڪو ٽائٽانڪ جهاز ڏيکاريو ويو آهي، اهو بلڪل هوبهو ۽ اصل جهاز جهڙو آهي، پر اصل جهاز جي ڏهين حصي جيڏو به ناهي. ان کي ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪئمرائين جي اٽڪلن ذريعي ائين ڏيکاريو ويو آهي، ڄڻ سچ پچ هجي ۽ سچ پچ جا ماڻهو اتان ڪري سمنڊ ۾ پيا ٻڏن، جيڪو دراصل (L) شڪل جي پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽائٽانڪ فلم جو ڊائريڪٽر Jemes Cameron هڪ قابل ۽ هوشيار فلم ٺاهيندڙ آهي ۽ سندس هن کان اڳ جي ٺهيل فلمن مان به ڪيتريون ئي مشهور ٿيون. جهڙوڪ: The Terminator II, True lies, Abyss وغيره وغيره. ٽائٽانڪ فلم ائڪشن ۽ رومانس جو ڳانڍاپو آهي، جنهن ۾ ليوناردو ڊي ڪئپريو (Jack Dawson) ۽ ڪيٽ ونسليٽ (Rose Bukater) اهم فلمي اداڪار ٿيا آهن. فلم جي شوٽنگ جولاءِ 1969ع کان شروع ٿي ۽ 160 ڏينهن هلي. عام فلمن کان ڪجهه وڏي ٿي وئي ۽ سندس Running ٽائيم ٽي ڪلاڪ چوڏهن منٽ آهي. فلم ۾ ڪم ڪندڙن کي اصل سمنڊ ۽ ٽانڪيءَ ذريعي ٺاهيل نقلي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ٽيهه کن لائيف گارڊ رکيا ويا هئا. فلم ٺهڻ دوران ڪو به ٻڏي مرڻ جو هاڃو پيش نه آيو پر ٽن Stunt Men جي ٽنگن ۽ ٻانهن جا هڏا ڀڄي پيا. وڏو Risk کڻي خرچ واري فلم ٽائٽانڪ جيتوڻيڪ ان وقت ٺهي، جنهن وقت دنيا جون ٻه ٻيون مشهور فلمون پڻ هلي رهيون هيون. هڪ جيمس بانڊ جي نئين فلم Tomorrow Never Dies ۽ ٻي ڊريم ورڪس جي مزاحيه فلم Mouse Hunt، پر ان هوندي به سامونڊي هاڃي تي ٺاهيل ٽائٽانڪ سڀ کان گوءِ کڻي وئي ۽ مالڪن جو پئسو سجايو ٿيو. [1] [2]

حوالا سنواريو

  1. موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-20 
  2. ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي