ٻاهر نڪرڻ جو قومي ڏينهن

ٻاهر نڪرڻ جو قومي ڏينهن (انگريزي: National Coming Out Day، مخفف: NCOD)، هر سال ايل جي بي ٽي ڪيو (انگريزي: LGBTQ)، برادري بابت ڄاڻ اجاگر ڪرڻ لاءِ 11 آڪٽوبر تي آمريڪا ۽ 12 آڪٽوبر تي ٻين ملڪن ۾ ملهائجندڙ ڏينهن جو نالو آهي.[1] هي ڏينهن پهريون دفعو 1988ع تي آمريڪا ۾ ملهايو ويو، جنهن جو مقصد عورتزاد ۽ هم جنس پرستن جي حقن ۽ آزادي لاءِ خاندان کان ٻاهر نڪري هم جنس پرست عورت ۽ هم جنس پرست مردن آواز بلند ڪرڻ هو.[2] هن ڏينهن ۾ هم جنس پرستن لاءِ خاموشي ۽ غفلت بابت ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي، ته جيئن اگر ڪنهن جي خاندان ۾ ڪو هم جنس پرست آهي ته سندس سان تعلق بهتر ڪيا ويا وڃن نه ڪي هوموفوبيا جو شڪار ٿي انهن کي نظرانداز ڪيو وڃي.[3]

ٻاهر نڪرڻ جو قومي ڏينهن

هن ڏينهن جي مناست سان تيار ڪيل نشان
ملهائڻ وارا ايل جي بي ٽي برادري
قسم قومي، عالمي
رسمون باهر نڪرڻ
تاريخ 11 آڪٽوبر
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو
لاڳاپيل 1987ع تي واشنگٽن ۾ ڪيل مارچ

ويجهي ماضي ۾ هم جنس پرست عورتن ۽ مردن جي اصطلاح کي ايل جي بي ٽي برادري ۾ ضم ڪيو ويو آهي، ۽ ٻاهر نڪرڻ جو ڏينهن صرف انهن تائين محدود ناهي پر انسانذات ۾ نر ۽ مادي کان سواءِ ٻي سوچ يا جنس وارن ماڻهن لاءِ برابري جا حق گھرڻ پڻ آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "History of Coming Out & Themes of NCOD". Human Rights Campaign. حاصل ڪيل 11 October 2014. 
  2. Hoffman, Amy (2007) An Army of Ex-Lovers: My life at the Gay Community News. University of Massachusetts Press. pp.xi–xiii. ISBN 978-1558496217
  3. "Robert Eichberg, 50, Gay Rights Leader". The New York Times. August 15, 1995. https://www.nytimes.com/1995/08/15/obituaries/robert-eichberg-50-gay-rights-leader.html.