يوٽوپيا (Utopia) ڪيترن ئي فلاسافرن مختلف وقتن ۾ هڪ مثالي رياست جو نظريو ڏنو آهي. افلاطون مثالي جمهوريت (The Republic) جو تعارف ڏنو. سر ٿامس مور (1478-1535ع) يورپي رياست جو نظريو ڏنو. مطلب تہ يوٽوپيا هڪ خيالي رياست جو تصور آهي. جيڪا ڪٿي بہ وجود نٿي رکي. پر اديب، شاعر ۽ فلاسافر پنھنجي تصور سان هڪ مثالي رياست جي قيام جو خاڪو ڏيندا آهن. ان تصوراتي رياست کي “يوٽوپيا” چيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙو تصور قاضي فيض محمد جي ڪتاب ”ٻاويھ سؤ ٻاويھ“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. [1]

پولينڊ جي خطي ڪراڪو جو شھر نووا ھوٽا جوڪو يوٽوپيائي شھر ھجڻ جو مثال سمجھيو ويندو آھي

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.